| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
پنهنجي پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر جو سڀني کي مٿاهون آهي. |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن (مخلوقات کي) پيدا ڪيو پوءِ صحيح سالم بنايو. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن (صحيح) اندازو ڪيو پوءِ راهه ڏيکاري. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
جنهن (زمين مان) گاهه ڪڍيو. |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي سُڪائي ڪارو سڙيل ڪيائين. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
(اي نبي!) سگهو ئي اسان تو کي (اهڙو) پڙهائينداسين جو تون نه وساريندين. |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. بيشڪ اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر آهي ۽ جيڪي ڳُجهو آهي. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسان تو کي تمام آسان (شريعت) لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسين. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ تون نصيحت ڪر جيڪڏهن نصيحت ڪرڻ فائدو ڏئي. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
سگهو ئي نصيحت قبول ڪندو (اُهو) جيڪو ڊڄي ٿو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ ان کان ڪنارو ڪندو جيڪو وڏو بدبخت آهي. |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو تمام وڏي باهه ۾ گهڙندو. |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
پوءِ اُهو ان ۾ نه مرندو ۽ نه (سُک سان) جيئندو. |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بلاشڪ اُهو ڪامياب ٿيو جنهن پاڪيزگي اختيار ڪئي. |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪيائين پوءِ نماز پڙهيائين. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
بلڪه توهان دنيا جي زندگي کي وڌيڪ اهميت ڏيو ٿا. |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
حالانڪه آخرت ڀلي آهي ۽ باقي رهڻ واري آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هي (تعليم) پهرين ڪتابن ۾ به هئي. |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
(يعني) ابراهيم ۽ موسى جي صحيفن ۾. |