| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي محمدﷺ) تون پنهنجي سڀني کان مٿاهين پالڻهار جي نالي جي عظمت بيان ڪر. (۽ ان جي پالڻهاريءَ واري نظام لاءِ سرگرم رهه.) |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
(اهو پالڻهار) جنهن سڀڪنهن کي پيدا ڪيو ۽ صحيح تناسب سان بنايو. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن (تقدير واري نظام سان شين جي اؤسر جو) خاص اندازو مقرر ڪيو، پوءِ (انهن شين کي فطرت يا جبلت ذريعي) رستو ڏيکاري ڇڏيو. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنهن (اوسر جي مقصد لاءِ ڌرتيءَ مان) تازو گاهه ڄمايو. |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي (زندگي، اوسر ۽ موت واري قانون هيٺ) ڪارو سڪل ۽ سڙيل ڪيائين. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
(اي پيغمبر! انساني هيئت جي اهڙي تڪميل کان پوءِ ان جي ذات جي تڪميل لاءِ) سگهوئي توکي (وحي ذريعي ضابطو) پڙهائينداسون، پوءِ تون ڪين وساريندين. |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
پر جنهن جي وسارڻ جو الله (پنهنجي مشيت سان) ارادو ڪري، هن ڪري ته اهو ظاهر ۽ ڳجهه کي ڄاڻي ٿو. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ توکي ان آسان شريعت (جي پهچائڻ ۽ هلڻ) لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسون. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ تون (ماڻهن آڏو اها وحي واري) نصيحت (بيان) ڪندو رهه، جتي نصيحت ڪرڻ فائدو ڏي. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو الله (وٽ حاضر ٿيڻ) جو خوف رکي ٿو، سو سگهوئي ڌيان ڪندو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ وڏو نڀاڳو (ٿيندو اهو جيڪو) ان کان پاسيرو رهندو (جو پاڻ کي ان جي فائدن کان محروم رکندو.). |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
(نتيجي ۾) اهو ماڻهو (تباهين جي) تمام وڏي باهه ۾ پوندو. |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
وري نه ان ۾ مرندو ۽ نه (آرام سان) جيئندو. |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اهو مراد (۽ ڪامرانين) کي پهتو (جنهن رڳو جسم جي پرورش ڪرڻ بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪئي) ۽ متقي بڻيو. |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ) کي (پنهنجي عمل سان) ياد ڪيائين، پوءِ (انهيءَ رستي تي استقامت واسطي) نماز پڙهيائين. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
پر اوهين هن دنيا جي (طبعي) حياتيءَ (جي تڪڙن مفادن) کي ترجيح ڏيو ٿا. |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
هوڏانهن آخرت (جي حياتي) گهڻو چڱي ۽ گهڻو بقا واري آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هيءُ بيان (قرآن ۾ پهريون دفعو بيان ڪيل ناهي، بلڪ هي) ته پهرين ڪتابن ۾، |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتابن ۾ به (اهوئي چيل) آهي. |