| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نالي جي پاڪائي بيان ڪريو جيڪو بيحد اعليٰ آهي |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
اهو رب جنهن پيدا ڪيو پوءِ درست ڪيو |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
اهو رب جنهن اندزو ڪيو پوءِ هدايت ڏني |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ اهو رب جنهن (مال لاءِ) سائو چارو پيدا ڪيو |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي سڪل (۽) ڪارو بنايو |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسين جلد توهان کي قرآن ڪريم سيکارينداسين پوءِ توهان نه وساريندا |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
مگر جيڪو الله تعالى چاهي، بيشڪ اهو هر ظاهر ۽ مخفي کي ڄاڻي ٿو |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسين جلد توهان کي آسان طريقي جي توفيق ڏينداسين |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ توهان نصيحت ڪريو، جيڪڏهن نصيحت (انهن) کي نفعو ڏي ٿي |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جلد اهو ماڻهو نصيحت حاصل ڪندو جيڪو ان کان ڊڄي ٿو |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ ان کان اهو وڏو بدبخت پري ٿيندو |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو بيحد وڏي باه ۾ پوندو |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
ان کان پوءِ نه اهو ان ۾ مرندو ۽ نه جيئندو |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو شخص جيڪو (ڪفر ۽ گناهن کان) پاڪ ٿيو |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پنهنجي رب جو نالو وٺي (الله اڪبر چئي) پوءِ نماز شروع ڪري ٿو |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
بلڪ توهان (ڪافر) دنيا جي حياتي کي پسند ڪريو ٿا |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
۽ آخرت ڀلي ۽ وڌيڪ بقادار آهي |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هي (مذڪوره نصيحت) پهرين آسماني ڪتابن ۾ آهي |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
(يعنى) (حضرت) ابراهيم ۽ (حضرت) موسيٰ جي ڪتابن ۾ |