| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو. |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين. |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به). |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو. |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو. |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو. |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو. |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو. |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي. |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن. |