| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
تون پنهنجي وڏي مرتبي واري رب جي پاڪائي چئو. |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن پيدا ڪيو، پوءِ عضوا ٺيڪ ڪيا. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن اندازو مقرر ڪيو، پوءِ راهه ڏيکاري. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
جنهن چارو اڀاريو، |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ کيس سڪو سڙو ڪري ڇڏيائين. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسين توکي پڙهائينداسون، پوءِ نه وساريندين، |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
سواءِ انهي جي، جيڪي الله (وسارڻ) چاهي_ بيشڪ هو پڌرو خواهه ڳجهو ڄاڻي ٿو. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسين توکي سولي رستي جي توفيق ڏينداسين. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ تون نصيحت ڪر، جيڪڏهن نصيحت فائدو ڏئي. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو ڊپ رکي ٿو، سو نصيحت وٺي ٿو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
ان کان پاسو وڏو نڀاڳو ئي ڪندو. |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جو وڏيءَ باهه ۾ پوندو، |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
پوءِ ان ۾ نڪي مَرندو، نڪي جيئندو! |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ انهيءَ مراد ماڻي، جنهن پاڻ کي پاڪ ڪيو، |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ سندس ڌڻيءَ جو نالو ياد ڪيائين ۽ نماز پڙهندو رهيو. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
مگر اوهين دنيا جي حياتيءَ کي وڌيڪ ٿا سمجهو. |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
پر آخرت وڌيڪ سٺي ۽ جٽادار آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
اها ئي ڳالهه اڳين ڪتابن ۾ آهي. |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
يعني ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتاب ۾. |