| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
پاڪائي بيان ڪر پنهنجي رب جي نالي جي . |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن پيدا ڪيو پوءِ درست بنايو . |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن اندازو ڪيو پوءِ برابر بنايو . |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنهن ڪڍيو گاهه . |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ڪيائين ان کي ڪارو، سڪل . |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
جلد پڙهائينداسون توکي پوءِ نه وساريندين . |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
مگر جيڪو گهريو الله بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو ظاهر کي ۽ جيڪو لڪل ٿو رهي . |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ آسان ڪنداسون تو لاءِ (شريعت) کي . |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ نصيحت ڪر جيڪڏهن نفعو ڏئي نصيحت . |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جلد نصيحت وٺندو جيڪو ڊڄي ٿو . |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ پري ٿيندو ان کان وڏو بدبخت . |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
اهو جو داخل ٿيندو وڏي باهه ۾ . |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
ان کان پوءِ نه مرندو ان ۾ ۽ نه زندهه رهندو . |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
تحقيق ڪامياب ٿيو اهو جو صاف ٿيو . |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ ياد ڪيائين پنهنجي رب جو نالو پوءِ نماز پڙهيائين . |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
بلڪ اختيار ڪيو ٿا اوهان حياتي دنيا واري . |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
۽ آخرت ڀلي ۽ وڌيڪ بقا واري آهي . |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هي البته پهريَن صحيفن ۾ به آهي . |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ۽ موسى جي صحيفن ۾ . |