| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي نبيﷺ!) پنھنجي بلند مرتبي واري پالڻھار جي تسبيح بيان ڪندو رهه. |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنھن (انسان کي) پيدا ڪيو ۽ (کيس) ڊولائتو (يعني سھڻو) بنائي ٺيڪ ڪيو. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
جنھن تقدير مقرر ڪئي ۽ سڌو رستو ڏيکاريو. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
جنھن (زمين مان) گاهه ٻوٽا اُپايا. |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي سُڪل سڙيل ڪري ڇڏيو. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسان توکي (قرآن اهڙي طريقي سان) پڙهائينداسين جو تون نه وساريندين. |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
سواءِ ان جي جڏهن الله تعالى (ڀُلائڻ) چاهي. بيشڪ هو ظاهر ۽ لڪيل شين کي خوب ڄاڻي ٿو. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
اسان توکي آسان رستي جي توفيق ڏيون ٿا. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
جيڪڏهن ڪنھن کي نصيحت فائدو ڏئي ته تون (ان کي) نصيحت ڪندو رهه. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
اهوئي شخص نصيحت قبول ڪندو جيڪو (پنھنجي پالڻھار کان) ڊڄندو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
بدنصيب ماڻهو ان (نصيحت) کان پري ڀڄندو. |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو وڏي باهه ۾ داخل ٿيندو. |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
هو ان ۾ نه مرڻ واري حالت ۾ هوندو ۽ نه ئي جيئڻ واري حالت ۾. |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اهوئي ماڻهو ڪامياب ٿي ويو جنھن پاڻ کي سڌاريو. |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪيائين (۽)نماز پڙهيائين. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
درحقيقت توهان ماڻهو دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏيو ٿا. |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
حالانڪه آخرت بھتر ۽ هميشه رهڻ واري آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ اها ڳالهه پھرين صحيفن ۾ به (بيان ڪيل) آهي. |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ($) ۽ موسى ($) جي صحيفن ۾. |