| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) پاڪائي بيان ڪر پنهنجي رب جي جيڪو تمام مٿانهون آهي |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن پيدا ڪيو ۽ تناسب قائم ڪيو |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن تقدير بنائي پوءِ راهه ڏيکاري |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنهن اڀاريو (گاهه کي) |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي ڪارو ڪن ڪچرو بڻايو |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسين توکي پڙهائينداسين پوءِ نه وساريندين تون |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
پوءِ جيڪي چاهي الله، بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو ظاهر کي به ۽ جيڪي لڪل آهي |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسان توکي ڏيون ٿا آسان طريقي جي سهوليت |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ نصيحت ڪر جي اها نفعو ڏئي نصيحت (سمجهاڻي) |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
نصيحت اهو وٺندو جيڪو ڊڄندو (خوف ڪندو) |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ ڀڄندو ان کان اهو جيڪو نڀاڳو هوندو |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو ويندو (پوندو) تمام وڏي باهه (آڙاه) ۾ |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
پوءِ اهو نه مرندو ان ۾ ۽ نه وري جيئندو |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
رهندو ڪامياب اهو جنهن پاڪيزگي اختيار ڪئي |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
پوءِ ياد رکيو نالو پنهنجي رب جو ۽ نماز پڙهي |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
پر توهان ماڻهو وڌيڪ چاهيو ٿا حياتي دنيا جي |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
جڏهن ته آخرت وڌيڪ ڀلي آهي ۽ هميشه واري آهي |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ اها ئي ڳالهه آيل آهي صحيفن ۾ جيڪي اڳي آيل آهن |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
صحيفن ابراهيم ۽ موسيٰ جي ۾ |