| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان جو ۽ قسم آهي رات ۾ اڀرندڙ جو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته رات جو اڀرندڙ ڇا ٿيندو آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
چمڪندڙ تارو آهي |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي مٿان ڪو نگهبان نه هجي |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ انسان ڪجهه نظر ڪري ته ڏسي ته کيس ڇا منجهان پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
هڪڙي ٽپ ڏئي نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جيڪو پٺيءَ (جي ڪرنگهي) ۽ سيني جي پاسيرين جي وچ مان نڪري ٿو |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو (خالق) کيس ٻيهر پيدا ڪرڻ تي قادر آهي |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن ڳجهين ڳالهين کي ظاهر ڪيو ويندو |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
ته ان وقت انسان کي نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هوندي ۽ نه وري ڪو مددگار ئي هوندس |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
قسم آهي مينهن وسائڻ واري آسمان جو |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ (ســَـلــَـن نڪرڻ وقت) ڦاٽي پوندڙ زمين جو |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
اها (قرآن) نبيرو ڪندڙ ڳالهه آهي |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ ڪو ڀوڳ چرچو ناهي |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
اهي (مڪي جا ڪافر) پيا ٿا ڪي سٽون سٽين |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ مان (الله) به پيو ٿو ڪا رِٿ رِٿيان |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ (اي نبي) انهن ڪافرن کي ڪا ڍر ڏي، بس ڪا ٿورڙي مهلت ڏئينِ |