| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت ايندڙ جو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو چمڪندڙ تارو آهي، |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ته ڪهڙو شخص نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
ته انسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي. |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ان کي اڇلندڙ پاڻي (منيءَ) مان بنايو ويو آهي. |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جو پٺي ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اهو (خدا) ان کي ٻيو ڀيرو (پيدا) ڪرڻ تي ضرور قدرت رکي ٿو. |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن دلين جا ڳجھ جاچيا ويندا. |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ نه ان کي ڪا سگھ هوندي ۽ نه ڪو مددگار. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
چڪر ڪاٽيندڙ آسمان جو قسم آهي. |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ ڦاٽڻ واري زمين جو ته، |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ هي قرآن “قول فيصل” آهي. |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ اها بيهوده ڳالھ ڪانهي. |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي (ته ان ڳالھ جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين پيا. |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو. |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ تون ڪافرن کي ٿوري ڍر ڏي. |