| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آهي ساک اُڀ جِي، پڻ ڪا هُو ڪارِي رات، |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
سو ڪا هُو آهي ڪِهڙو؟ ڪِنهن ڀَلا سمجھايئـِي بات؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
سانجِھي تارو سُهڻو، پڻ پيدا مَنجھ پِرڀات، |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ته ناھِ نِڌڻڪو جِند ڪو، مَنجھان موجودات، مگر مُحافِظ اُن تي، ڪا آھِ زورا وَر ذات، |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ آھِ حَقُّ اِنسان تي، ته نِهاري مَنجھ نات، ته ڇا مان خلقيو کيسِ وِيو؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
مَنجھان ڌَڌَڪندڙّ ڌات، |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
اِي ڏاڏاڻِي ڏات، پَلٽي پُٺ ۽ اُرھ وِچان. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
سَچ پَچ سَگھيسِ جِياريو، سو واحِد پاڪ وَرِي، |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جِنهن ڏِينهن ڳُجھيَنِ ڳالهيَن جِي، پَوندِي، خبر کَرِي، |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ زور نه کيسِ ذَرِي، ۽ نه ڪِي وَريسِ واهِرُو. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
۽ آهي وَسندڙ اُڀ اِي، گوڙِيَن ساڻ گُواھ، |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
دَم دَم ڌرتِي ساک ڀَري، جنهن ۾ گُل، گولاڙا، گاھ، |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
هِي حقاحق فيصلو، |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ خالِي کِل ناھِ، |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
صَحِي سِٽون سِٽينِ سي، وِڙهڻ جُون وِڻاھ، |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
آئون به سِٽون سِٽيان، حاضِر سَڀ سُپاھ، |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ مُهلت ڏي تِن مُنڪرِين، اي مُرسل مهِر نِگاھ، ڪو پَل، پَهر پَڳاه، ڇَڏ تون کينِ ڇَڏڻ کي. |