| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي ايندڙ وقت جو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو چمڪندڙ تارو آهي |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ سڀڪو ماڻهو ڏسي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ان کي ٽپي سان ڪرڻ واري پاڻيءَ مان بنايو ويو آهي |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جو پٺيءَ جي وچان ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اهو (الله، ان ڏينهن) ان جي موٽائڻ جي قدرت رکي ٿو |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن (دلين جا) ڳجهه ظاهر ڪبا |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ نه ان کي ڪا سگهه هوندي ۽ نه ڪو مددگار |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
مينهن واري آسمان جو قسم آهي |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
ته بيشڪ اهو (قرآن) فيصلي ٿيل ڳالهه آهي |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ اهو چرچو نه آهي |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي (ته ان ڳالهه جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، انهن کي ٿوري ڍر ڏي |