| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آسمان جو قسم ۽ رات جو نمودار ٿيڻ واري (ستاري) جو قسم! |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جو نمودار ٿيڻ وارو ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
(اِهو) روشن ستارو آهي. |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ته ڪو ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ انسان کي ڏسڻ گهرجي ته اُهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي. |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ٽپ سان نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي. |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جيڪو پُٺيءَ ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اُهو (الله) ان جي (زندگيءَ کي) وري موٽائڻ تي سگھه رکڻ وارو آهي. |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن ڳجها راز پڌرا ڪيا ويندا. |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ ان وٽ نه ڪو زور هوندو نه ڪو مددگار. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
مينهن واري آسمان جو قسم. |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ (سَلن ڦُٽَڻَ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو قسم. |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
ته بيشڪ هي (قرآن) فيصلو ڪندڙ فرمان آهي. |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ اِهو ڀوڳ چرچو نه آهي. |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اُهي فريب واريون سازشون ڪن ٿا. |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ آءٌ پنهنجي تدبير ڪري رهيو آهيان. |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ تون ڪافرن کي ڍر ڏي (بس انهن کي) ٿورن ڏينهن جي مُهلت ڏي. |