| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت نروار ٿيندڙ جو، |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت نروار ٿيندڙ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو چمڪندڙ تارو آهي. (اهو شاهڪار نظام شاهد آهي ته) |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ڪوبه شخص اهڙو نه آهي، جنهن تي ڪو نگهبان (سندس عمل لکڻ لاءِ مقرر) نه هجي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ سڀڪو ماڻهو (عملن جي ان حساب ڪتاب واري ڏينهن جي انڪار کان بچي ۽) ڏسي ته ڪهڙي شئ مان ان کي بنايو ويو آهي؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ان کي ٽپي سان ڪرڻ واريءَ پاڻيءَ (جي نطفي) مان بنايو ويو آهي. |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جو (پيءُ جي) پٺيءَ جي وچان ۽ (ماءُ جي) ڇاتيءَ جي هڏين وچان نڪري (ماءُ جي رحم واري جاءِ ۾ پهچي) ٿو. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اهو (الله اهڙي جوڙ جوڙيندڙ ان ڏينهن انسان کي) وري اٿارڻ جي قدرت رکي ٿو. |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن (ماڻهن کي اٿاريو ويندو ته انهن جي دلين جا) ڳجھ ظاهر ڪبا. |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ نه ان (ماڻهوءَ) کي ڪا سگهه هوندي (جو ان عمل کي روڪي سگهي) ۽ نه ڪو مددگار (هوندو، جيڪو کيس ان عمل کان بچائي سگهي.) |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
(هڪ مقرر نظام سان) مينهن ڪيريندڙ آسمان جو قسم آهي. |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو (نظام به شاهد آهي ته). |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو (قرآن به هڪ مقرر نظام سان عمل جي نتيجن پسائڻ متعلق) ٺوس فيصلا ٻڌائيندڙ آهي. |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ اهو چرچو نه آهي (بلڪ طئه ٿيل ڳالهه آهي.) |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي (جيڪي ان نظام جي مٽائڻ يا روڪڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا. |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
(آءٌ به انهن کان غافل ڪونه آهيان) ۽ آءٌ به رٿ رٿيان ٿو. |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، (جيئن ٻج کي فصل تائين ڍر ملندي آهي، تيئن) انهن کي ٿوري ڍر ڏي. (ان کان پوءِ سندن گرفت ٿيندي.) |