| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) | 
| 
			 قسم آهي آسمان جو ۽ قسم آهي طارق جو  | 
			
			
				
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) | 
| 
			 ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته طارق ڇا آهي؟  | 
			
			
				
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) | 
| 
			 (اهو هڪ) ٻرندڙ ستارو آهي  | 
			
			
				
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) | 
| 
			 هر انسان لاءِ هڪ مُحافظ (فرشتو) مقرر ڪيل آهي  | 
			
			
				
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) | 
| 
			 پوءِ انسان کي سوچڻ گھرجي ته ان کي ڇا مان خلقيو ويو آهي؟  | 
			
			
				
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) | 
| 
			 (اُن کي) هڪ ٽُپي واري پاڻي مان پيدا ڪيو ويو آهي  | 
			
			
				
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) | 
| 
			 جيڪو پٺن ۽ سينن جي وچان نڪري ٿو  | 
			
			
				
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) | 
| 
			 بيشڪ اهو، ان جي موٽائڻ تي يقيناً قادر آهي  | 
			
			
				
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) | 
| 
			 جنهن ڏينهن مخفي رازن جي جانچ ڪئي ويندي  | 
			
			
				
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) | 
| 
			 پوءِ (قيامت جي انڪار ڪندڙن لاءِ) ڪابه قوت ۽ ڪوبه مددگار نه هوندو  | 
			
			
				
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) | 
| 
			 قسم آهي آسمان جو جيڪو مِينهن وسائي ٿو  | 
			
			
				
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) | 
| 
			 قسم آهي زمين جو جيڪا سَلا ڄمائي ٿي  | 
			
			
				
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) | 
| 
			 بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) فيصله ڪُن قول آهي  | 
			
			
				
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) | 
| 
			 ۽ اهو (قرآن ڪريم) ڪا مذاق ناهي  | 
			
			
				
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) | 
| 
			 بيشڪ اهي (ڪفارِ مڪه) چڱيءَ طرح اٽڪلون ڪن ٿا  | 
			
			
				
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) | 
| 
			 ۽ آئون انهن کي اٽڪلن جي جزا ڏيان ٿو  | 
			
			
				
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) | 
| 
			 پوءِ رسولِ عربي توهان ڪافرن کي ڍر ڏيو (۽) انهن کي ٿوري مهلت ڏيو  |