وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي. |
وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ |
النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي. |
إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي. |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي. |
خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس. |
يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي. |
إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي. |
يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا. |
فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس). |
وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي. |
وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي. |
إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي. |
وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي. |
إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا. |
وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو. |
فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي. |