| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
آسمان ۽ ”رات جو ايندڙ“ شاهد آهي. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته ”رات جو ايندڙ“ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو آهي ”چمڪندڙ تارو.“ |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ته ڪو به شخص اهڙو ناهي، جنهن تي نگهبان نه هجي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ انسان کي نظر ڪرڻ گهرجي، ته هو ڇا مان ٺهيو آهي؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ٺهيو آهي اڇلندڙ پاڻيءَ مان. |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جو پٺ ۽ ڇاتيءَ وچان نڪري ٿو. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ خدا کيس ٻيهر به خلقي سگهي ٿو. |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن ڳجهه پڌرا ڪبا، |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
ته پوءِ نڪي سندس وس هلندو ۽ نڪي مددگار هوندس. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
وري وري مينهن وسائيندڙ آسمان شاهد آهي، |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ ڦاٽندڙ زمين شاهد آهي، |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
ته هيءَ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي، |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
ڪو چرچو ناهي. |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي به پيا رٿون رٿين، |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ آءُ به پيو رٿون رٿيان! |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ تون ڪافرن کي کڻي ٿورڙي ڍر ڏي! |