| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان جو ۽ رات جو ايندڙ جو . |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي رات جو اچڻ وارو . |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
تارو، گهڻو چمڪندڙ . |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ناهي ڪو نفس جو ناهي ان تي ڪو نگهبان . |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ جڳائي ٿو ته ڏسي انسان ته ڇا مان پيدا ڪيو ويو آهي؟ . |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
پيدا ڪيو ويو آهي پاڻيءَ ٽپو ڏئي نڪرندڙ مان . |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جيڪو نڪري ٿو پٺيءَ ۽ سيني جي هڏن وچان . |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اهو (الله) ان جي موٽائڻ تي البته قادر آهي . |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن پرکا ڪيون وينديون لڪل ڳالهيون . |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ ناهي ان لاءِ ڪا طاقت ۽ نه ڪو مددگار . |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
قسم آهي آسمان مينهن واري جو . |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ زمين ڦاٽي پوڻ واريءَ جو . |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو البته فيصلو ڪندڙ قول آهي . |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ ناهي اهو ڀوڳ جي ڳالهه . |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي رٿين ٿا رٿ . |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ مان به رٿيان ٿو رٿ . |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ ڍر ڏي ڪافرن کي مهلت ڏي انهن کي ٿوري . |