| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمانن جو ۽ رات جو ظاهر ٿيندڙ جو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته رات جو ظاهر ٿيندڙ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو چمڪندڙ تارو آهي. |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
هر شخص جي مٿان هڪ نگھبان مقرر آهي. |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
پوءِ انسان کي سوچڻ کپي ته (آخر) هو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
ٽِپڪو کائي نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي. |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
جيڪو پُٺيءَ ۽ سيني جي وچ مان نڪري ٿو. |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ الله تعالى کيس (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر موٽائڻ تي قدرت رکي ٿو. |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنھن ڏينھن ماڻهن جا راز ظاهر ڪيا ويندا. |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
ان وقت وٽس نه ته (رازن کي ظاهر ڪرڻ کان روڪڻ جي) طاقت هوندي ۽ نه ئي سندس ڪو مدد ڪرڻ وارو هوندو. |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
قسم آهي مينھن وسائڻ واري آسمان جو. |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ (سَلن جي نڪرڻ سان) ڦاٽڻ واري زمين جو. |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ هي ڪلام فيصلو ڪندڙ ڪلام آهي. |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
اهو ڪو کِلَ ڀوڳ نه آهي. |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ هي ماڻهو وڏيون چالبازيون کيڏن ٿا. |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
پر مان به (انهن جي خلاف) بندوبست ڪريان ٿو. |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
(اي نبيﷺ!) تون ڪافرن کي ٿوري دير لاءِ ڍر ڏئي سندن حال تي ڇڏي ڏي. |