| وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان جو ۽ رات ۾ ظاهر ٿيندڙ جو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
|
۽ ڪهڙي خبر توکي ته اهو رات ۾ ظاهر ٿيندڙ ڇا آهي؟ |
| النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
|
اهو تارو چمڪندڙ |
| إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
|
ڪو اهڙو جيءُ جنهن تي ڪوبه نگهبان نه آهي |
| فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
|
وري هي به ڏسي ماڻهو ته هو ڇا مان پيدا ڪيو ويو آهي |
| خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
|
پيدا ڪيو ويو آهي پاڻيءَ ٽپڪي سان نڪرندڙ مان |
| يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
|
نڪري ٿو وچان پٺي ۽ ڇاتيءَ جي هڏين وچان |
| إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ اهو (خالق) ان کي ٻيهر پيدا ڪرڻ تي قادر آهي |
| يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
|
جنهن ڏينهن جاچ ٿيندي لڪل رازن جي |
| فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
|
پوءِ نه ان وٽ ڪا طاقت هوندي ۽ نه سندس ڪو مددگار |
| وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
|
قسم آهي آسمان مينهن وسائڻ واري جو |
| وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
|
۽ زمين جو سلن اڀرڻ وقت ڦاٽي پوندڙ جو |
| إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو آهي ڪلام فيصلو ڪندڙ جو |
| وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
|
۽ ناهي اهو ڪو ڀوڳ چرچو |
| إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي ماڻهو ڪي چالون رٿين پيا |
| وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
|
۽ آئون به هڪ چال پيو هلان |
| فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
|
پوءِ ڇڏ (اي نبي!) انهن ڪافرن کي ٿوري دير ڇڏين سندن حال تي |