| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي مضبوط برجن واري آسمان جو |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ انهيءَ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ ڏسڻ واري جو ۽ ڏٺل شيءِ جو |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته ماريا ويا کاهين وارا |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
(انهن کاهين وارا) جن ۾ تيز ٻرڻ واري ٻارڻ جي باهه هئي |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏهن هو کاهين جي ڪناري تي ويٺا هئا |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ جيڪو ايمان وارن سان پئي ڪيائون، تنهن کي اهي ڏسي رهيا هئا |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن ايمان وارن سان سندن وير رڳو ان ڪري هو جو هنن انهيءَ الله تي ايمان آندو هو، جيڪو زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي ۽ اهو الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
جن ماڻهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو ۽ پوءِ توبه نه ڪيائون، انهن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙڻ واري سزا آهي |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن لاءِ جنت جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون وهنديون، اها ئي آهي وڏي ڪاميابي |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
حقيقت ۾ تنهنجي رب جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
اهوئي پهرين ڀيري پيدا ٿو ڪري ۽ اهوئي ورائي به پيدا ڪندو |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اهو بخشڻ وارو ۽ پيار ڪرڻ وارو آهي |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
عرش جو مالڪ آهي، وڏي شانَ وارو آهي |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جيڪا به ڳالهه گهري سا ڪري ڇڏڻ وارو آهي |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا توکي لشڪرن جي خبر ملي آهي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود (جي لشڪرن) جي؟ |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر جن ڪفر ڪيو آهي سي ڪوڙو سڏڻ ۾ رڌل آهن |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
حالانڪه الله کين گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (انهن جي ڪوڙي سڏڻ سان قرآن کي ڪجهه به نه ٿيندو) |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪه اهو ته قرآن وڏي شان وارو آهي |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
۽ انهيءَ تختيءَ (لوح محفوظ) ۾ (اڪريل آهي) جيڪا سانڍيل آهي |