| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
برجن واري آسمان جو قسم آهي. |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو. |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ شاهد جي ۽ جنهن جي شاهدي ڏني ويندي، تنهنجي |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
(ته مڪي جا ڪافر برباد ٿيا) جيئن خندق وارا برباد ڪيا ويا، |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
جي کاهيون باھ جون هيون. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جنهن ۾ (انهن مسلمانن لاءِ) ٻارڻ وجهي ڇڏيو هو. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ جڏهن اهي انهن (کاهين) تي ويٺل جو سلوڪ ايمان وارن سان ڪندا هئا تنهن کي سامهون ڏسي رهيا هئا. |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن کي مومنن جي اها ڳالھ بري لڳي ته انهن ماڻهن خدا تي ايمان آندو هو جيڪو زبردست (۽) حمدجي لائق آهي. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
اهو (خدا) جنهن جي سڀني آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهت آهي ۽ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو ۽ وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باھ جي سزا (به) آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ سخت آهي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
اهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ٻيو ڀيرو (قيامت ۾ جيئرو) ڪندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اهو ئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
عرش جو مالڪ وڏي شان وارو آهي. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جنهن جو ارادو ڪري تنهن کي پورو ڪرڻ وارو آهي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتي آهي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
يعني فرعون ۽ ثمود جي (بلڪل پهتي آهي) |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر ڪافر ته ڪوڙي ڪرڻ جي فڪر ۾ ئي آهن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
۽ خدا انهن جي پٺيان (کين) گهيرو ڪندڙ آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
(هي ڪوڙي ڪرڻ جي لائق نه آهي) پر هي ته قرآن مجيد آهي، |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جو لوح محفوظ ۾ لکيل آهي. |