القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبُرُوۡجِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 22


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1)

آهي ساک اُڀ جي، جو طَبقن ساڻ تيار،

وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2)

پڻ ڏاڪي واري ڏِينهن جِي، وَعدي واري وار،

وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3)

۽ جي اکين اڳيان سَڙيا، ڪِ بِيٺل ڀَر ڪنار،

قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4)

ته کاڻا خان کَڏن جا، مَرِي ٿِيا مُردار،

النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5)

جي کَڏون ڀَريَل باھِ سان، ٻارِيندڙ ٻَهار،

إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6)

ويٺا هُئا جِنهن وار ۾، اُتسِ ڪري قطار،

وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7)

۽ مُؤمن، ڪ مُؤمنياڻِيَن سان، ڪَيئون جا قهرِي ڪار، اُهي آهِن شاهِد اُنهن تي، اَکين ڏِٺا اِظهار،

وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8)

۽ وير نه وَرتوَن اُنهن کان، ڌاران هِن دَرڪار، ته آڻِين صِدق اَلله تي، جِنهن جو ڏيهن تي ڏهڪار، نَنڍِي وَڏِي نِعمت تي، هَر حَمد جو حَقدار،

الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9)

آهي اُڀ ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ صاحِب رَبَّ، سَتّار، آهي شاهِد هَر ڪِنهن شئ مٿي.

إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10)

مُؤمن ۽ مُؤمنياڻين سان، ڪيا جِن ڪَلُور، موٽِي، نه موٽيا، پوءِ تن لئي، منڱر آھِ مُور، پڻ سَندا ساڙي سُور، سَزا سَدائـِين تِن کي.

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11)

مَڃيو جِن مُورهين، پڻ چڱا ڪيائون ڪَم، اُنهن لئي باغ بهشت جا، هِڪ ٻِي ساڻ هَم، جِن هيٺان نِرمل نَهرون، ڌوڪِينِ ٿيون دَم دَم، جَنت مَنجھ جَنم سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي.

إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12)

پَڪ پَڪڙ، تو ڌڻئَ جِي، آهي سَخت گھڻِي،

إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13)

پِهرِين پيدا پاڻ ڪري، سڀڪا سَگھ سُهڻِي، ۽ موٽائي مُوئن کي، گَڏي پُرز پڻي،

وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14)

۽ اُهو مَرهِيندڙ، مِهرڀَريو،

ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15)

ڌُريان تخت ڌڻي،

فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16)

خلقِيندڙ کـڻي، گُھري جِھڙي گھاٽ کي.

هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17)

تو ڪا ڪَل قومن جي؟ جِن جي هُئـِي هيڏي هاڪ،

فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18)

فِرعون ۽ ثمود جِي، ڪِيئن هِڪدم ٿيا هلاڪ،

بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19)

اُٽلو آهِن ڪُوڙ ۾، ڦِريا جي ڦيرياڪ،

وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20)

۽ چارِي چوڌارِي اُنهن جي، آهي رَبَّ اَفلاڪ،

بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21)

بَلڪ ڀَلو قرآن هِي، آھِ پَڙهڻ جِھڙو پاڪ،

فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22)

آهي اُن جو ٿاڪ، لاشڪ سانڍِيَل لوح ۾.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025