| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
بُرجن واري آسمان جو قسم آهي |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ حاضر ٿيندڙ ۽ حاضر ٿيل جو (جن جو قصو هيءُ آهي ته) |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
کاهي جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه هئي |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
تنهن جي کوٽيندڙن تي ان وقت لعنت پئي |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي تنهن کي اهي (پاڻ) ڏسي رهيا هئا |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن مان هنن هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهوئي نئين سِر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اهوئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
عرش جو مالڪ وڏي شان وارو ارادو ڪري تنهن کي |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جنهن جو پورو ڪري ڇڏڻ وارو آهي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
(اي پيغمبر) ڇا توکي لشڪرن |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر ڪافر ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
۽ الله انهن جي پٺيان (انهن کي)گهيرو ڪندڙ آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
(وري قرآن اهڙي شيءِ نه آهي جنهن کي ڪوڙو ڪجي) بلڪ اهو وڏي شا ن وارو قرآن آهي |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جو حفاظت ڪيل ڦرهيءَ (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. |