| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان جو جيڪو منزلن وارو آهي. |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
وعدي ڪيل ڏينهن جو قسم. |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ حاضر ٿيندڙ ۽ حاضر ڪيل جو قسم. |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته کاهِيُن وارا هلاڪ ڪيا ويا. |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
اُها باهه هئي (ڀڙڪندڙ) ٻارڻَ واري. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏهن اُهي ان (خندقن)جي آس پاس ويٺل هئا. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ جو ڪجهه ايمان وارن سان پئي ڪيائون ان کي خود ڏسي رهيا هئا. |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن (خندقن وارن) انهن (مسلمانن) کان (ڪنهن گناهه جو) بدلو نه پئي ورتو سواءِ هن جي جو انهن الله تي ايمان آندو هيو جيڪو غالب ۽ سڀ ساراهن جو لائق آهي. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ايذايو پوءِ توبه (به) نه ڪيائون ته پوءِ انهن جي لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنهنجي پالڻهار جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اُهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اُهو ئي ٻيو ڀيرو پيدا ڪندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اُهو بخشڻهار محبت ڪرڻ وارو آهي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
عرش جو مالڪ عظمت وارو آهي. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جو چاهي اُهو ڪرڻ وارو آهي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا تو وٽ لشڪرن وارن جي خبر پهتي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود (جي لشڪرن)جي. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
بلڪه ڪافر ته ڪوڙي چوڻ ۾ لڳل آهن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
حالانڪه الله انهن کي هر طرف کان گهيرو ڪندڙ آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪه اُهو وڏي شان وارو ڪتاب آهي. |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
ان لوحِ ۾ (نقش آهي ) جيڪو محفوظ آهي. |