| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
برجن واري آسمان جو قسم آهي، |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ وري وعدي ڪيل (انهيءَ قيامت جي) ڏينهن جو (جنهن جو قرآن ۾ وري وري ذڪر ڪيو ويو آهي). |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ شاهدي ڏيندڙ (پيغمبر) ۽ شاهدي ڏنل (مؤمنن جو جن جو قصو هي آهي ته). |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
کاهي، جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه ٻاريل هئي. |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
تنهن جي کوٽيندڙن (ڪافرن) تي ان وقت لعنت پيئي. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي، تنهن کي هي (پاڻ مزا وٺي) ڏسي رهيا هئا. |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن (ايمان وارن) مان هنن (ڪافرن) هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
(انهيءَ الله تي ايمان آندو هو) جهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ الله ئي سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو، وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
(ٻئي پاسي وري) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
(انهن ڪافرن کي چئو ته،) بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهوئي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر (قيامت ۾ به) پيدا ڪندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
(پوءِ جيڪو هنن مسلمانن کي ستايو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪيا آهن تن جي خدا کان معافي وٺن) ۽ بيشڪ اهوئي (معافي گهرندڙن کي) گهڻو معاف ڪندڙ (پاڻ سڌاريندڙن سان) گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
عرش جو مالڪ وڏي شان وارو. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جنهن (ڳالهه) جو ارادو ڪري تنهن کي (پنهنجي مشيت سان) پورو ڪر ڇڏڻ وارو آهي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
(اي پيغمبر!) ڇا توکي (خدائي نظام ۽ قانون جي مخالفت ۾ ايندڙ (لشڪر)، |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي. (جن جو انجام تاريخ جي ورقن ۾ لکيو پيو آهي.). |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر ڪافر (ان مان سبق وٺڻ بجاءِ الله جي قانونن کي) ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
(هو بيوقوف آهن) ۽ الله (جو اهوئي قانون) انهن جي پٺيان (انهن کي) گهيرو ڪندڙ آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
(انهن کي معلوم ناهي ته، الله جي قانونن جو مجموعو هي قرآن معمولي شئ ناهي) بلڪ اهو وڏي شان وارو قرآن آهي. |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جو حفاظت ڪيل ڦرهيءَ (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. |