| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان جو (جنهن ۾) 12 بُرج آهن |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ قسم آهي وعده ڏنل ڏينهن جو |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
قسم آهي رسولِ عربي ۽ سندس امت جو |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته کاهي وارا هلاڪ ڪيا ويا |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
ان باه ۾ جيڪا ڀڙڪي واري هئي |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جنهن وقت اُهي اُن تي ويهندڙ هئا |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ اهي پاڻ شاهد آهن جيڪي ڪجھه انهن مؤمنن سان ڪيو هو |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انهن (مؤمنن) ۾ ڪو عيب نه هو، مگر انهن الله تعالى تي ايمان آندو جيڪو غالب هميشه ساراهيل آهي |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
اهو آهي جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي حقيقي بادشاهي آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي گواه آهي |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي تڪليف ڏني ان کان پوءِ اهي توبه تائب نه ٿيا پوءِ انهن لاءِ جهنم جو عذاب آهي، ۽ انهن لاءِ باه جو عذاب آهي |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ توهان جي رب جي پڪڙ بيحد سخت آهي |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو ئي (دنيا ۾) پيدا ڪري ٿو ۽ (آخرت ۾) دوباره زنده ڪري ٿو |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اهو (گنهگار مؤمنن کي) بخشيندڙ (پنهنجي ولين سان) پيار ڪندڙ آهي |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
جيڪو عرش سڳوري جو مالڪ آهي |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جيئن چاهي تيئن ڪندڙ آهي |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا توهان وٽ لشڪرن جي خبر نه پهتي |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
(يعنى) فرعون ۽ ثمود جي؟ |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
بلڪ اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي تڪذيب ڪرڻ ۾ آهن |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
۽ الله تعالى انهن جي پويان کين گھيرو ڪندڙ آهي |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪ اهو قرآن مجيد آهي |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جيڪو لوحِ محفوظ ۾ آهي |