| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي. |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي. |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي. |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته کاھين وارا ماريا وڃن. |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا. |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي. |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي. |