| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛ برجن وارو آسمان، |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
مقرر ڪيل ڏينهن، |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
ڏسندڙ ۽ ڏٺل، |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته کاهين وارا ناس ٿيا. |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
جن ۾ ٻارڻ پيل باهه هئي. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏهن هنن انهن جي ڪنارن تي ويهي، |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
جيڪي مؤمنن سان ڪري رهيا هئا، سو اکئين پئي ڏٺو! |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
هنن انهن کان بدلو رڳو هن جو ٿي ورتو، جو هنن انهي الله تي ئي ويساهه آندو، جو سڀ تي غالب ۽ واکاڻ جوڳو آهي. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين تي آهي ۽ الله هر ڳالهه کي ڏسندڙ آهي! |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جيڪي شخص مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ستائين ٿا، پوءِ توبهه نٿا ڪن، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ ساڙيندڙ عذاب به. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ باغ آهن، جن هيٺان نديون وهنديون هونديون، اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ تمام سخت آهي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
هو ئي پهرين ٿو خلقي ۽ پوءِ به خلقيندو، |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ هو ئي بخشيندڙ، پيار ڪندڙ آهي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
تخت جو مالڪ وڏي شان وارو آهي. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جيڪي وڻيس ٿو، سو ٿو ڪري. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڀلا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتل آهي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود جي |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
مگر ڪافر ڄاڻي ٻجهي (قرآن کي) ڪوڙو ٿا سمجهن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
۽ الله ته کين چوڌاري گهيري ڇڏيو آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪ اهو قرآن سڳورو آهي، |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جو سنڀاليل تختيءَ ۾ آهي. |