القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡبُرُوۡجِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 22


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1)

قسم آهي آسمان برجن واري جو .

وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2)

۽ وعدي ڪيل ڏينهن جو .

وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3)

۽ شاهد جو ۽ شاهدي ڏنل جو .

قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4)

لعنت ڪيا ويا خندقن وارا .

النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5)

باهه، گهڻي ٻرندڙ ڪاٺ واري .

إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6)

جڏهن اهي ان تي وهندڙ هئا .

وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7)

۽ اهي ان تي جيڪو ڪن پيا مؤمنن سان ڏسندڙ هئا .

وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8)

۽ نه ٿي بدلو ورتائون انهن کان مگر هي جو ايمان آڻين پيا الله، غالب، ساراهيل تي .

الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9)

اهو (الله) جو ان جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ الله هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي .

إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10)

بيشڪ جن ايذايو مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ان کان پوءِ نه توبہ ڪيائون پوءِ انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه جو عذاب آهي .

إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11)

بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن جي لاءِ بهشت آهن جو وهن پيون انهن جي هيٺان نهرون اها ڪاميابي وڏي آهي .

إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12)

بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ البته سخت آهي .

إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13)

بيشڪ اهو ئي پهريان پيدا ڪري ٿو ۽ ورائي پيدا ڪندو .

وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14)

۽ اهو ئي بخشڻهار، محبت ڪندڙ آهي .

ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15)

عرش جو مالڪ شان وارو آهي .

فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16)

ڪندڙ آهي جيڪو ارادو ڪري ٿو .

هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17)

ڇا آئي تو وٽ ڳالهه لشڪرن جي .

فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18)

فرعون ۽ ثمود جي .

بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19)

بلڪ جن ڪفر ڪيو ڪوڙو چوڻ ۾ آهن .

وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20)

۽ الله چوڌاري انهن جي گيهراءُ ڪندڙ آهي .

بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21)

بلڪ اهو قرآن سڳورو .

فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22)

لوح محفوظ ۾ آهي .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025