| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي بُرجن واري آسمان جو. |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
قسم آهي وعدي ڪيل ڏينھن (يعني قيامت) جو. |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي شاهدي ڏيڻ واري ۽ جنھن تي شاهدي ڏني وڃي اُن جو. |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ته کڏا کوٽڻ وارن تي لعنت هجي. |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
انهن کڏن ۾ ڀڙڪندڙ باهه هئي. |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏهن اهي ماڻهو (باهه سان ڀڙڪندڙ) کڏن جي مٿان ويٺا هئا. |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
مؤمنن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئا تنھن کي هو ڏسي رهيا هئا. |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
ايمان وارن کان رڳو ان ڳالهه تي وير وٺن پيا ته انهن زبردست ۽ تعريف جي لائق الله تعالى جي ذات تي پڪو ايمان آندو هو. |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
جنھن جي آسمانن ۽ زمين تي بادشاهي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ماڻهن ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي تڪليف پھچائي پوءِ (ان عمل تي) توبہ نه ڪئي ته انهن لاءِ دوزخ جو ساڙيندڙ عذاب آهي. |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهن ٿيون (حقيقت ۾) اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ تمام سخت آهي. |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ هو پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيھر به پيدا ڪندو. |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
اُهو ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ (مخلوق سان) وڏي محبت رکڻ وارو آهي. |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
هو وڏو شانائتو عرش جو مالڪ آهي. |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
جيڪو چاهيندو آهي، ڪري ڇڏيندو آهي. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا تو وٽ لشڪرن جي واقعي جي خبر پھتي آهي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود جي لشڪرن جي. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر ڪافر ماڻهو (پوءِ به) ڪوڙو ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
الله تعالى کين هر طرف کان گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
بلڪه هي قرآن ته وڏي شان وارو آهي. |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
جيڪو لوح محفوظ ۾ لکيل (موجود) آهي. |