| وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي آسمان مضبوط برجن واري جو |
| وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
|
۽ ان ڏينهن جو جنهن جو وعدو ڪيل (قيامت جو) |
| وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
|
۽ ڏسندڙ ۽ ڏسڻ ۾ ايندڙ جو |
| قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
|
ماريا ويا کاهي وارا (شال) |
| النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
|
(اها کاهي جنهن ۾) باهه ڀڙڪو ڏئي ٻري ٿي |
| إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
|
جڏهن ته اهي ويٺا هئا ان کاهي جي ڪناري تي |
| وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
|
۽ اهي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا هئا ايمان وارن سان ان کي ڏسي رهيا هئا |
| وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
|
رڳو بدلو پيا وٺن انهن کان جو آندو هئائون ايمان (ان) الله تي جيڪو زبردست ساراهيل آهي |
| الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
|
اهو جنهن لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي، ۽ الله هر شيءِ تي شاهد (خبر رکندڙ) آهي |
| إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
|
بيشڪ جن ايذايو مؤمن مردن کي ۽ مؤمن عورتن کي پوءِ نه ڪئي توبهه ان کان، پوءِ انهن جي لاءِ عذاب آهي دوزخ جو، ۽ انهن لاءِ آهي عذاب ساڙيندڙ باهه جو |
| إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
|
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، انهن جي لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون، اها ڪاميابي وڏي آهي |
| إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
|
حقيقت ۾ پڪڙ توهان جي رب جي ڏاڍي سخت آهي |
| إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو ئي پهرين پيدا ڪندڙ ۽ اهو ئي ٻيهر پيدا ڪندو |
| وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
|
۽ اهو ئي بخشيندڙ محبت ڪندڙ آهي |
| ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
|
تخت جو مالڪ (عرش) وڏي شان وارو (بزرگ) |
| فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
|
ڪري گذرڻ وارو جو ڪجهه گهري |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
|
ڇا توهان کي ملي آهي خبر لشڪرن جي؟ |
| فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
|
فرعون ۽ ثمود جي (لشڪرن جي؟) |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
|
پر جن ڪفر ڪيو آهي اهي ته ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳل آهن |
| وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
|
جڏهن ته الله کين چوڌاري گهيري ۾ وٺي رهيو آهي (اهي ڀلي قرآن کي ڪوڙو چون |
| بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
|
پر هي قرآن بلند مرتبي وارو آهي |
| فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
|
ان تختي تي (چٽيل آهي) جيڪا محفوظ آهي |