| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ پنهنجي رب جو فرمان بجا آڻيندو ۽ ان لاءِ حق اهوئي آهي (ته پنهنجي رب جو حڪم مڃي) |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين پٿيري ويندي |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ جيڪي منجهس آهي، سو ٻاهر اڇلائي خالي ٿي ويندي |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ پنهنجي رب جي حڪم تي عمل ڪندي ۽ ان لاءِ حق اهوئي آهي (ته ان تي عمل ڪري) |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان، تون بي اختيار وڃي رهيو آهين پنهنجي رب ڏانهن ۽ وڃي ساڻس ملڻ وارو آهين |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
ته کانئس سؤلو حساب ورتو ويندو |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ هو پنهنجن ماڻهن ڏانهن خوش ٿي موٽندو |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
باقي جنهن کي سندس اعمالنامو پنهنجي پٺيءَ پويان ڏنو ويندو |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
ته اهو موت کي سڏيندو |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ وڃي ڀڙڪندڙ باهه ۾ پوندو |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
هو پنهنجي گهروارن ۾ مشغول لڳو پيو هو |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
هن سمجهيو هو ته هــُـو ڪڏهن به ڪونه موٽندو |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
موٽڻو ڪيئن نه هوس، ان جي رب سندس عمل پئي ڏٺا |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ نه، مان قسم ٿو کڻان (سج لهڻ واريءَ) ڳاڙهاڻ جو |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو ۽ ان جو جيڪي اها پنهنجي اندر سمائي ٿي |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن اهو پورو ٿي ويندو آهي |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
توهانکي ضرور درجي وار هڪ حالت پٺيان ٻي حالت مان لنگهڻو آهي |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ انهن کي ٿيو ڇاهي جو ايمان نٿا آڻين |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن سندن آڏو قرآن پڙهيو ٿو وڃي ته سجدو نٿا ڪن؟ |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
بلڪه اهي نه مڃيندڙ ته اٽلندو ڪوڙو ٿا سڏين |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
حالانڪه جيڪي اهي (پنهنجي اعمالنامي ۾) ميڙيندا وڃن ٿا، تنهن کي الله خوب ڄاڻي ٿو |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ (اي نبي) انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏيئي ڇڏ |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
باقي جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن لاءِ اڻ کــُـٽ اجر آهي |