| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽندو. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ پنهنجي پروردگار جو حڪم بجا آڻيندو ۽ کيس واجب به اها ئي ڳالھ آهي، |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين (سڌي ڪري) ڇڪبي. |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ جيڪي منجهس آهي سو اوڳاڇيندي ۽ خالي ٿيندي. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃيندي ۽ مٿس لازم به ائين ئي آهي. (ته قيامت اچي ويندي). |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان تون پنهنجي پالڻهار جي حضوريءَ جي ڪوشش ڪرين ٿو ته (هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور) سندس سامهون حاضر ٿيندين. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (ان ڏينهن) جنهن جو عمل نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
تنهن کان ته حساب آسان طريقي سان ورتو ويندو، |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ (پوءِ) اهو پنهنجي (مومنن جي) قبيلي ڏي خوش ٿي موٽندو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
پر جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي پٺيءَ طرف کان ڏنو ويندو. |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
سو ته موت کي سڏيندو. |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ جهنم واصل ٿيندو. |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
اهو ماڻهو ته، پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ مست رهندو. |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
۽ سمجهندو ته ڪڏهن به (خدا ڏي ته) ورندس ئي ڪين. |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
هاءُ! سندس پالڻهار پڪ کيس ڏسي پيو. |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ مون کي شام جي ڳاڙهاڻ جو قسم، |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو ۽ انهن شين جو جن کي اها ڍڪي ڇڏي ٿي. |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن برابر (گول) ٿئي ٿو، |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته اوهين ضرور هڪڙيءَ سختيءَ کان پوءِ ٻئيءَ سختيءَ ۾ ڦاسندو. |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
ته پوءِ انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو ايمان نه ٿا آڻن. |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن انهن وٽ قرآن پڙهجي ٿو ته سجدو نه ٿا ڪن! |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
پر هٿون ڪافر ڪوڙو ڪن ٿا. |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
هوڏانهن اهي جيڪي دلين ۾ سانڊن ٿا تنهن کان خدا خوب واقف آهي. |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ، |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
پوءِ جن ايمان آندو ۽ انهن سٺا ڪم ڪيا تن لاءِ (ته) اڻ کٽ اجر آهي. |