| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
هِي هيڏو آسمان، جڏهن چِيرجِي چاڪ ٿيو، |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ سَندسِ سائـِينءَ کي، مَڃٖي، ڦاٽوسِين فرمان، ۽ حَقِيقت ۾ حَق اُتِس، ته مَڃي حُڪم حَنان، |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جَڏهن زَمِين سَندرِجي ٿيئـِي مِڙيوئـِي ميدان، |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ اُڇلِيئين جيڪي اُن ۾،ٿيئـِي صفا ڪنان سامان، |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ مَڃَيئـِين سَندسِ مالِڪ کي، ۽ هي حَقَّ اُتسِ هر آن، |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
ته پَنهنجِي پرور پاڪ ڏي، اَوس اي اِنسان! ٿِيندِين تون ٿِيَڻ کي، چِچِريَل مُنهن چالان، پوءِ بيشڪ بي گمان، ٿِيندِين رَبَّ جي رُوبَرُو. ڪيڏي مَهل ڪَهِي، |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
ٿِيندِين رَبَّ جي رُوبَرُو، ڪيڏي مَهل ڪَهِي، پر جِنهن کي جِيَڻي هَٿ ۾، پوءِ ڏِني ويئـِي وَهِي، |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
پوءِ لِک ۾ ليکو لاهِبَسِ، سُهکي رِيت صَحِي، |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ لِکين لاڳ لَهِي، گھوٽ وري، گَھر پَنهنجي. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
پر جِنهن کي مِليو پُٺ ڪنان، کٻي هَٿ کَرڙو، |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
هَي هَي! ڪندو هَرڙو، |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
اُهو آٽَندو آڳه ۾، |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
سَرهو پَنهن جي ساٿ ۾، هوڪي ڏِينهن، هِت ڪَرڙو، |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
هو گُمان ڪندو گَرڙو، ته وَرِي مُور نَه موٽندو. |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
هائو، اُن جي حال کي، سَندسِ رَبَّ، سَتّار، ڏِسندڙ آھِ ڏيہ ڌَڻِي، واقِف وار، وار، |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ ساک سُرخِي جي نه ڏيان؟ جا سَڀ ڪِنهن سانجِھي وار، |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ وَرِي وَرِي رات جِي، پڻ جي ويڙِهين وِي وَلهار، |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ مٿان، مُوجب مَنزِلين، جڏهن چَنڊ ڏِئي چمڪار، |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته هِڪ حال کان ٻئي حال ۾، بِلڪُل بَرقرار، آهِينِ اُن تي اَچِڻيون، سي تَبدِيليون تَڪرار، |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ آخِر، ڪِنهن آڌار؟ مُنڪر مَڃِينِ ڪِين ڪِي. |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن پَڙِهي کِيَنِ ٻُڌائجي، قادِر جو ڪَلام، ته صاحِب کي سَلام، مُورک ڪَن نه مُورهِين. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
اُٽلو جِن اِنڪار ڪيو، سي ڪن ٿا ڪُوڙ ڪَثِير، |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
۽ اَلله آهي ڄاڻندڙ، جيڪِي ميڙيو رکن مِير، |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ اڳتي سَخت عذاب جِي، ڏي تِن، کاڻن کي کِير، |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
مَگر جِن مَڃيو، ۽ عَمل ڪيئون اَڪسِير، دَرجا دِلپَذِير، آهِن اکٽ اُنهن لئي. |