| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
(ياد ڪر) جڏهن آسمان ڦاٽندو |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندو ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين ڇڪبي |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ جيڪي منجهس آهي سو اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندي ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تون پنهنجي پاليندڙ (کي ملڻ) تائين گهڻي ڪوشش ڪرڻ وارو آهين پوءِ تون ان کي ملندين |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن کي سندن (عملن جو) ڪتاب سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
تنهن کان آسان حساب ورتو ويندو |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ هو پنهنجي گهر وارن ڏي خوش ٿي موٽندو |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
۽ جنهن کي سندس (عملن جو) ڪتاب سندس پٺيءَ پٺيان ڏنو ويندو |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
سو “مري ويس مري ويس” ڪري دانهون ڪندو |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ باهه ۾ گهڙندو |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
ڇو ته هو (دنيا ۾ ) پنهنجي گهروارن ۾ خوش هو |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
بيشڪ ان خيال ڪيو هو ته هو ڪڏهن به (الله ڏي) ڪين موٽندو |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
اهڙيءَ طرح نه آهي ان کي ته سندس پاليندڙ ڏسندڙ هو |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ قسم آهي شفق جو |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو ۽ انهن (تارن) جو جن کي گڏ ڪيو اٿس |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن برابر (گول) ٿئي ٿو |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته اوهين هڪڙي حال کان لنگهي ٻئي حال ٿي ضرور ايندؤ |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو جو ايمان نه ٿا آڻين |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن وٽن قرآن پڙهجي ٿو ته سجدو نه ٿا ڪن |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
پر هٿون ڪافر ڪوڙو ڪن ٿا |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
هوڏانهن جيڪي (دل ۾ ) سانڍين ٿا تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي |