القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الاِنۡشقَاقِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 25


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1)

جڏهن آسمان ڏري پوندو.

وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2)

۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪَنُ ڏيندو ۽ اِهو ان تي حق آهي.(جو حڪم مڃي)

وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3)

۽ جڏهن زمين پکيڙي ويندي.

وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4)

۽ جيڪي ان ۾ آهي سو اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي.

وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5)

۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ڪن ڏيندي ۽ ان کي حق آهي. (جو حڪم مڃي)

يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6)

اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڪشان ڪشان وڃي رهيو آهين پوءِ تون ان سان ملڻ وارو آهين.

فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7)

پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو ان جي ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو.

فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8)

پوءِ جلد ان کان آسان حساب ورتو ويندو.

وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9)

۽ اِهو پنهنجي گهروارن ڏانهن خوش خوش موٽندو.

وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10)

۽ پر جنهن کي سندن اعمال نامو پُٺيءَ جي پويان ڏنو ويو.

فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11)

ته اُهو جلد موت کي سڏيندو.

وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12)

۽ اُهو ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهِڙندو.

إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13)

بيشڪ اُهو (دنيا ۾) پنهنجي گهروارن ۾ مگن رهندو هيو.

إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14)

بيشڪ ان اُهو سمجهيو هيو ته اُهو (حساب لاءِ الله وٽ) ڪڏهن ڪونه موٽندو.

بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15)

.. ڇونه موٽندو .. بيشڪ ان جو پالڻهار ان (جي ڪرتوتن) کي ڏسندڙ هيو.

فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16)

پوءِ مون کي قسم آهي شفق (يعني شام جي آسمان وارِي ڳاڙهاڻ) جو.

وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17)

۽ رات جو ۽ جن (ستارن) کي گڏ ڪري ٿي.

وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18)

۽ چنڊ جو جڏهن اُهو پورو (ماهِ ڪامل) ٿئي ٿو.

لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19)

توهان ضرور هڪ درجي کان ٻئي ڏانهن چڙهندا رهندئو.

فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20)

پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو ايمان نه ٿا آڻن؟

وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21)

۽ جڏهن انهن تي قرآن پڙهيو وڃي ٿو ته سجدو نه ٿا ڪن.

بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22)

بلڪه جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي ڪوڙو سمجھن ٿا.

وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23)

۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي اُهي (دلين ۾) سانڍن ٿا.

فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24)

پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ.

إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25)

سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025