| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
(توجه ڪر ته، قيامت واري موقعي تي) جڏهن آسمان ڦاٽندو، |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ (اهو آسمان ائين ڪرڻ لاءِ) پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندو ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي. |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين (قيامت وارو ميدان وسيع ڪرڻ لاءِ) ڇڪي وڌائي ويندي. |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ جيڪي منجهس آهي (يعني مُردا) سو ٻاهر اڇلائيندي ۽ خالي ٿيندي. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ (ڌرتي به ائين ڪرڻ لاءِ) پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ٻڌندي ۽ ان کي حڪم ٻڌڻ لازمي آهي. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تون پنهنجي پاليندڙ کي ملڻ تائين گهڻي ڪوشش ڪرڻ وارو آهين، پوءِ تون ان کي (ان ڏينهن ضرور) ملندين. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن کي سندس (عملن جو) ڪتاب سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
تنهن کان آسان حساب ورتو ويندو. |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ هو (پنهنجي سڦلائتي زندگيءَ جو سڦلو حساب ڏئي جنت ۾) پنهنجي گهر وارن (حورن ۽ زالن) ڏي خوش ٿي موٽندو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
۽ جنهن کي سندس (عملن جو) ڪتاب سندس پٺيءَ پٺتان (کٻي هٿ ۾) ڏنو ويندو، |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
سو مري ويُس، مري ويس، ڪري دانهون ڪندو. |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ (کيس جهنم جي) باهه ۾ ڌوڪيو ويندو. |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
ڇو ته هو (دنيا ۾) پنهنجي گهر وارن ۾ (بي فڪر ٿي عياشيون ڪرڻ) سان خوش هو. |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
بيشڪ ان خيال ڪيو هو ته، هو ڪڏهن به (الله ڏي) ڪين موٽندو. |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
اهڙيءَ طرح نه آهي، بلڪ ان (جي ته هر چرپر) کي سندس پاليندڙ ڏسندڙ هو. |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ قسم آهي شفق جو. |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ (ان کان پوءِ جلد ايندڙ) رات جو ۽ انهن (تارن) جو جن کي گڏ ڪيو اٿس. |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن (آهستي آهستي منزل طئه ڪري) برابر (گول) ٿئي ٿو. |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
(ڪائنات ۾ اهي سڀ هڪ ٻئي پٺيان بدلجندڙ حالتون شاهد آهن) ته اوهين (به) هڪڙي حال کان لنگهي ٻئي حال تي ضرور ايندؤ. |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ انهن (منڪرن) کي ڇا ٿيو آهي جو (هيڏن چٽن دليلن جي باوجود خدا جي ماڪافات وارن قانونن تي) ايمان نٿا آڻين. |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن وٽن قرآن پڙهجي ٿو ته ان وقت به خدا جي طرف نٿا جهڪن. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
هٿيون اهي ڪافر (قرآن جي انهن سچاين کي) ڪوڙو ڪن ٿا. |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
هوڏانهن جيڪي (پنهنجي وقتي مفادن کي بچائڻ جي لاءِ دل ۾ پهه پچائن ۽) سانڍين ٿا تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ انهن (الله جي قانونن مٿان پنهنجي وقتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ ماڻهن) کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
پر جن (الله جي قانونن جي سچائي تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. |