| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جنهن وقت آسمان چيرجي پوندو |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ اهو پنهنجي رب جو حڪم مڃيندو ۽ آسمان جو حق به اهو آهي |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جنهن وقت زمين هموار ڪئي ويندي |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ زمين اڇليندي جيڪو ان ۾ هوندو ۽ اها خالي ٿيندي |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ اها پنهنجي رب جو حڪم مڃيندي ۽ ان جو حق به اهو آهي |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان بيشڪ تون مرڻ تائين (نيڪي ۽ بديءَ جي) چڱي طرح ڪوشش ڪندڙ آهين پوءِ توکي ان جي جزا ملندي |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ پر اهو ماڻهو جنهنکي پنهنجو عمل نامون پنهنجي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويو |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
پوءِ جلد ان کان تمام آسان حساب ورتو ويندو |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ اهو پنهنجي اهل ڏانهن خوش ٿي موٽندو |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
۽ پر اهو ماڻهو جنهنکي سندس عمل نامون پٺن جي پويان ڏنو ويو |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ جلد اهو پنهنجي لاءِ هلاڪت طلب ڪندو |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ اهو ڀڙڪِي ڏيندڙ باه ۾ پوندو |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو (دنيا ۾) پنهنجي اهل ۾ خوش رهندو هو |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اهو گمان ڪندو هو ته کيس هرگز نه موٽايو ويندو |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
ها! واپسي يقيني آهي. بيشڪ ان جو رب ان کي ڏسندڙ آهي |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ مون کي قسم آهي ان اڇاڻ جو جيڪا سج لهڻ کان پوءِ آسمان تي ٿيندي آهي |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ قسم آهي رات جو ۽ جيڪي شيون ان ۾ گڏ ٿين ٿيون |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان جي چانڊوڪي مڪمل ٿئي ٿي |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته توهان يقيناً هڪ منزل کان ٻي منزل تي سوار ٿيندا |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي ايمان نٿا آڻن؟ |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جنهن وقت انهن تي قرآن ڪريم پڙهيو وڃي ٿو ته اهي سجدو نٿا ڪن |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
بلڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي ان جو انڪار ڪن ٿا |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
۽ الله تعالى ان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪو اهي دل ۾ رکن ٿا |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ توهان انهن کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
مگر انهن ماڻهن جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ اهو اجر آهي جيڪو ختم ٿيندڙ ناهي |