| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏھن آسمان ڦاٽندو. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏھن زمين پکيڙبي. |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو. |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو. |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو. |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
سو سگھوئي موت کي سڏيندو. |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ دوزخ ۾ گھڙندو. |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو. |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو. |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي. |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو. |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس. |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي. |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ. |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن. |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن. |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي. |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي. |