| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽندو، |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ سندس رب جو حڪم مڃيندو، جو مڃڻ کپيس. |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين سڌي ڪئي ويندي، |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
جيڪي منجهس آهي سو ڪڍي ڦٽو ڪندي، |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ سندس ڌڻيءَ جو حڪم مڃيندي، جو مڃڻ کپيس. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تون پنهنجي رب جي طرف خوب ڪوشش ڪرين ٿو سو تون ساڻس ملندين. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سڄي هٿ ۾ مليو، |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
ان کان سولائيءَ سان حساب وٺبو. |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
هو سندس گهر وارن ڏانهن خوش ٿي موٽندو_ |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
مگر جنهن کي سندس اعمالنامو پٺيءَ پوئتان ملندو، |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
سو موت کي پيو سڏيندو |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ باهه ۾ وڃي پوندو_ |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
هو پنهنجي گهر وارن ۾ ڏاڍو خوش رهندو هو. |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
۽ ڀائيندو هو ته ”خدا ڏانهن نه موٽندو.“ |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
هائو! سندس رب کيس خوب ڏسندڙ آهي. |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ آءُ شاهد ٿو ڏيان؛ شام جي ڳاڙهاڻ، |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات ۽ جيڪي هوءَ ڪٺو ٿي ڪري، |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ سَڄو ٿيل چنڊ، |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته اوهين درجي بدر جي چڙهندا. |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ ڇا ٿيو اٿن، جو ايمان نٿا آڻين. |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن وٽن قرآن ٿو پڙهجي، ته سجدو نٿا ڪن؟ |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
بلڪ ڪافر ڪوڙ ٿا سمجهن. |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
۽ الله اهو ڄاڻي ٿو، جيڪي لڪائين ٿا. |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ کين دردناڪ عذاب جي مبارڪ ڏي، |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، انهن لاءِ بي شمار اَجُر آهي. |