| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي غور سان ٻڌندو. مٿس حڪم تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
جڏهن زمين کي (هموار ڪري) ڦھلايو ويندو. |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
ان جي اندر جو ڪجهه آهي سڀ ٻاهر ڪڍي خالي ٿي ويندي. |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
مٿس پالڻهار جي اُن حڪم تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! تون (دنيا جي) جاکوڙ ڪندي (غير محسوس طريقي سان زوريءَ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃي رهيو آهين آخرڪار تون اُن سان وڃي ملندين. |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
(ان ڏينھن) جنھن کي پنھنجو اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو. |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
ته ان کان عنقريب هلڪو حساب ورتو ويندو. |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ هو پنھنجي گهر وارن ڏانھن خوشيءَ سان موٽندو. |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
(اُن ڏينھن) جنھن کي پنھنجو اعمال نامو پُٺيءَ جي پويان ڏنو ويندو. |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
ته هو فوراً موت کي ياد ڪندو. |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
(پر) ان کي (جهنم جي) باهه ۾ اڇلايو ويندو. |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
بيشڪ هو دنيا (جي زندگيءَ) ۾ پنھنجي گهر وارن سان ڏاڍو خوش رهندو هو. |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
هو سمجهي رهيو هو ته هو ڪڏهن به (الله تعالى ڏانهن) نه موٽندو. |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
(ڇو نه موٽندو!) بيشڪ هو هر وقت پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ آهي. |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ مان شفق (يعني سج لٿي کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ ڳاڙهاڻ) جو قسم کڻان ٿو. |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو ۽ انهن شين جو قسم کڻان ٿو جيڪي رات جو ئي ظاهر ٿينديون آهن. |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چوڏهين رات جي چنڊ جو به قسم کڻان ٿو. |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
ته توهان هڪ حالت کان ٻي حالت ڏانھن ضرور هلندا رهندا. |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
(انهن سڄي حقيقتن کان) پوءِ اُنهن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هو ايمان نٿا آڻين؟ |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن انهن کي قرآن مجيد پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته هو سجدو نٿا ڪن. |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
بلڪه هي ماڻهو انڪار ڪرڻ کان پوءِ ان (قرآن) کي ڪوڙو به ڪن ٿا. |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
هي ماڻهو پنھنجي دلين ۾ جيڪي ڪجهه لڪائي ويٺا آهن، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
بس! توهان انهن کي درناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌايو. |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
(باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي. |