| إِذَا السَّماءُ انشَقَّت (آيت : 1) |
|
جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 2) |
|
۽ تعميل ڪندو پنهنجي رب جي فرمان جي ۽ اهو حق اٿس (ته حڪم مڃي) |
| وَإِذَا الأَرضُ مُدَّت (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن زمين پکيڙي ويندي |
| وَأَلقَت ما فيها وَتَخَلَّت (آيت : 4) |
|
۽ اڇلندي جيڪي ان ۾ آهي ۽ خالي ٿيندي |
| وَأَذِنَت لِرَبِّها وَحُقَّت (آيت : 5) |
|
۽ تعميل ڪندي پنهنجي رب جي حڪم جي ۽ اهو حق اٿس |
| يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ إِنَّكَ كادِحٌ إِلىٰ رَبِّكَ كَدحًا فَمُلٰقيهِ (آيت : 6) |
|
اي انسان! بيشڪ تون جاکوڙ ڪندڙ آهين وڃي رهيو آهين پنهنجي رب ڏي تڪليف سان ۽ ملڻ وارو آهين |
| فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ (آيت : 7) |
|
پوءِ جنهن کي ڏنو ويندو سندس اعملانامو سندس ساڄي هٿ ۾ |
| فَسَوفَ يُحاسَبُ حِسابًا يَسيرًا (آيت : 8) |
|
پوءِ جلد ان کان ورتو ويندو حساب سولو |
| وَيَنقَلِبُ إِلىٰ أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 9) |
|
۽ موٽندو پنهنجي ماڻهن ڏانهن خوشي خوشي |
| وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ وَراءَ ظَهرِهِ (آيت : 10) |
|
۽ باقي اهو ماڻهو جنهن کي ڏنو ويندو اعمالنامو پٺيءَ پويان |
| فَسَوفَ يَدعوا ثُبورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ اهو سڏيندو موت کي |
| وَيَصلىٰ سَعيرًا (آيت : 12) |
|
۽ داخل ٿيندو دوزخ ۾ |
| إِنَّهُ كانَ فى أَهلِهِ مَسرورًا (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو (رهيو هو) پنهنجي گهر ۾ خوش |
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَن يَحورَ (آيت : 14) |
|
بيشڪ ان سمجهيو هو ته کيس ڪڏهن موٽڻو ناهي |
| بَلىٰ إِنَّ رَبَّهُ كانَ بِهِ بَصيرًا (آيت : 15) |
|
هائو، موٽندو ڪيئن نه، بيشڪ سندس رب سندس ڪرتوت ڏسي رهيو هو |
| فَلا أُقسِمُ بِالشَّفَقِ (آيت : 16) |
|
پوءِ نه، قسم کڻان ٿو شفق جو |
| وَالَّيلِ وَما وَسَقَ (آيت : 17) |
|
۽ رات جو (قسم) ۽ جيڪي ڪجهه گڏ ڪري ٿي |
| وَالقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (آيت : 18) |
|
۽ چنڊ جڏهن مڪمل روشن ٿئي |
| لَتَركَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (آيت : 19) |
|
توهان کي ضرور وڃڻو آهي درجي بدرجي هڪ حالت کان لنگهي ٻي حالت ڏي |
| فَما لَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
|
پوءِ انهن (ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي) جو ايمان نٿا آڻين |
| وَإِذا قُرِئَ عَلَيهِمُ القُرءانُ لا يَسجُدونَ (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن پڙهيو ويندو آهي انهن جي آڏو قرآن ته سجدو نه ڪندا آهن |
| بَلِ الَّذينَ كَفَروا يُكَذِّبونَ (آيت : 22) |
|
پر اهي منڪر ته مورڳو ڪوڙو ڀائيندا آهن |
| وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يوعونَ (آيت : 23) |
|
(جڏهن ته) الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هي ڇا پيا گڏ ڪن |
| فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 24) |
|
پوءِ انهن کي خوشخبري ڏي عذاب دردناڪ جي |
| إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 25) |
|
البته جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا آهن، انهن جي لاءِ ته اجر آهي بلڪل اڻ کٽ (بي حساب) |