| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
|
تباهي آهي تور ماپ ۾ کوٽ ڪرڻ وارن لاءِ |
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
|
جيڪي جڏهن ماڻهن کان وٺن ٿا ته پورو وٺن ٿا |
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن کين ماپي يا توري ڏين ٿا ته کين گهٽ ڏين ٿا |
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
|
ڇا اهي ماڻهو نٿا سمجهن ته اهي اٿاري کڙا ڪيا ويندا؟ |
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
|
هڪڙي وڏي ڏينهن |
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
|
انهيءَ ڏينهن جڏهن سمورا ماڻهو جهانن جي پالڻهار جي آڏو بيٺا هوندا |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
|
هرگز نه، بدڪارن جو اعمالنامو قيدخاني جي رجسٽر ۾ هوندو |
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته قيدخاني جو رجسٽر ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
|
اهو هڪڙو لکيل ڪتاب آهي |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙ سڏيندڙن لاءِ |
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
|
جيڪي حساب ڪتاب جي ڏينهن کي ڪوڙو سڏين ٿا |
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
۽ انهيءَ کي ڪوڙو نه سڏيندو آهي پر هر اهو ماڻهو، جيڪو حدون لنگهي ويندڙ بڇڙا ڪم ڪرڻ وارو آهي |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
انهيءَ کي جڏهن اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته "اهي ته اڳين وقتن جون آکاڻيون آهن" |
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
|
نه نه، بلڪه سندن دلين تي سندن بڇڙن ڪمن جي ڪــَـٽُ چڙهي وئي آهي |
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
|
هرگز نه، اهي پڪ سان انهيءَ ڏينهن پنهنجي رب جي ڏسڻ کان محروم رکيا ويندا |
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
|
پوءِ وڃي جهنم ۾ پوندا |
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
|
پوءِ چيو ويندن ته اها اٿوَ اُها شيءِ، جنهن کي توهان ڪوڙو سڏيندا هيؤ |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
|
ڪڏهن به نه، بيشڪ نيڪ ماڻهن جو اعمالنامو مٿانهين مانَ وارن جي رجسٽر (عليـيـن) ۾ آهي |
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته ڇا آهي اهو مٿانهين مانَ وارو رجسٽر؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
|
هڪڙو لکيل ڪتاب آهي |
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
|
جنهن جي نظرداري الله جا مقرب ملائڪ ڪن ٿا |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
|
بلاشڪ نيڪ ماڻهو ڏاڍن مزن ۾ هوندا |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
|
اوچن تختن تي ويٺا نظارو ڪندا هوندا |
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
|
تون سندن منهن ۾ آسودائيءَ جي تازگي محسوس ڪندين |
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
|
کين سيل مهر ٿيل اصلي شراب پيئاريو ويندو |
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
|
جنهن تي مشڪ جي مهر لڳل هوندي. جيڪي اڳ کڻڻ چاهيندا هجن، اهي هن شيءِ جي حاصل ڪرڻ ۾ اڳ کڻڻ جي ڪوشش ڪن |
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
|
انهيءَ شراب ۾ تسنيم جي ملاوت هوندي |
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
|
اهو هڪڙو چشمو آهي، جنهن جي پاڻيءَ سان گڏائي الله جا مقرب بندا شراب پيئندا |
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
|
ڏوهاري (دنيا ۾) ايمان وارن تي مسخريون ڪندا هئا |
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
|
جڏهن ڀرسان لنگهندا هئن ته هڪ ٻئي کي ميڇون ڏئي پيا انهن ڏي اشارا ڪندا هئا |
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
|
جڏهن پنهنجن گهروارن ڏانهن موٽندا هئا ته تماشو ڪندي ورندا هئا |
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
|
۽ جڏهن انهن کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته اهي ڀٽڪيل ماڻهو آهن |
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
|
حالانڪه اهي ڪو انهن تي نگهبان بڻائي نه موڪليا ويا هئا |
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
|
اڄ وري ايمان وارا ڪافرن تي مسخريون پيا ڪن |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
|
اوچن تختن تي ويٺا سندن حال پيا ڏسن |
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
|
ملي ويو نه ڪافرن کي سندن حرڪتن جو بدلو، جيڪي اهي ڪندا هئا |