| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
|
ماپ تور ۾ گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
|
جي ماڻهن کان جڏهن مئي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا. |
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
|
پر جڏهن ان کي مئي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا. |
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
|
ڇا اهي (اهو) خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. |
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
|
هڪڙي (تمام) وڏي ڏينهن لاءِ. |
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو ساري جهان جي پروردگار جي اڳيان بيهندا. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
|
خبردار! بدڪار جو ڪتاب (اعمال نامو) به بيشڪ “سجين” ۾ آهي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
|
هڪ لکيل دفتر آهي (جنهن ۾ شيطانن جا اعمال درج آهن). |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
|
جيڪي حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا. |
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن حد کان لنگهدڙ گنهگار کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪوڙو نه ٿو ڪري. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جو جڏهن ان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن. |
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
|
نه! نه! پر (اصلي ڳالھ هي آهي) ته جيڪي ماڻهو (بڇڙا ڪم) ڪندا هئا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي وئي آهي. |
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
|
بيشڪ اهي ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي (رحمت) کان روڪيا ويندا. |
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اهي ضرور جهنم واصل ٿيندا. |
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
|
پوءِ (کين) چيو ويندو ته هي اهو ته (دوزخ) آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
|
(هي به) ٻڌي ڇڏيو ته تابعدارن جا عمل “عليين” ۾ هوندا. |
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
|
اهو هڪ لکيل دفتر آهي، (جنهن ۾ نيڪوڪارن جا عمل درج آهن). |
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
|
ان وٽ مقرب (فرشتا) حاضر آهن. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
|
بيشڪ نيڪ ماڻهو ته ضرور مزي ۾ هوندا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
|
پلنگن تان ويٺي(نظارا) پيا ڏسندا. |
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
|
تون انهن جي چهرن مان ئي راحت جي تازگي معلوم ڪندين. |
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
|
مهر لڳل شراب مان پياريو ويندن. |
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
|
جنهن جي مهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان لاءِ تي ڀلي شائقين ان طرف رغبت ڪن. |
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
|
پڻ ان شراب ۾ تسنيم (جي پاڻي) جي ملاوٽ هوندي، |
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
|
هڪ اهو چشمو آهي جنهن مان (خدا جا) مقرب بندا پيئندا. |
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
|
بيشڪ ڏوهاري ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا. |
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
|
۽ اهي جڏهن انهن وٽان لگهندا هئا ته (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي اکين سان اشارا ڪندا هئا. |
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
|
۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏي موٽندا هئا ته وڏائي جون ڳالهيون ڪندا هئا. |
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
|
۽ جڏهن انهن (مومنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته پڪ هي ته گمراھ آهن. |
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
|
هوڏانهن اهي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليا ويا هئا! |
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
|
سو اڄ (قيامت ۾) ايمان وارا (انهن) ڪافرن تي کلن ٿا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
|
پلنگن تان (بهشت جا نظارا) ڏسن ٿا. |
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
|
۽ چون ٿا هاڻي ته ڪافرن کي سندن ڪرتوتن جو پورو پورو بدلو ملي ويو. |