وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
کوءِ، تِن کوٽن کي!، ته ماڻهن ڪنان مال، |
الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
وَٺنِ جِنهن وير ۾، ته ٿَميو ٻَٻِينِ ٿالھ، |
وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
جڏهن تورِين تِن لئي، يا ڀَرِين جِنس بَحال، ته ڪريو ڪُپت ڪُلال، اوڇو ڏِينِ، اُنهن کي. |
أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
ڇا، لاٿو لوڀِيَن، دِل تان، هِي دَلِيل؟، |
لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
ته آهِين، ڏاڍي ڏِينهن لئي، اُٿڻا اُهي عَلِيل، |
يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
جِنهن ڏِينهن، ماڻهون بِيهندا، حالت زار ذَلِيل، جابِر وَٽ جَلِيل، جو آگو ڪُل اُپوڻيِين. |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
سوگھِي آهي سَجِّيْن ۾، تِن وَهلورن وَهِي، |
وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
۽ ڪِنهن سَمجھايئـِي ته سِجِّين ڇا؟ |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
لِکپـَڙھ صاف صَحِي، ڪٖيئـِي، يا ڪَهِي، مُلڪ ڌَڻِئَ جي، مُهر سان. |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
۽ ڪاڙهو تِن ڪُوڙن لئي، تِهِين ڏِينهن تڪرار!، |
الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
جي ڪوٺِينِ ڪُوڙ قيام کي، ڪَن عَدل کان اِنڪار، |
وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
۽ ڪُوڙو ڪوٺي، نه تِنهن کي، ري بيهودِي، بَدڪار، |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
اُتسِ اَسان جون، آيتون، وَڃن پَڙهيون جِنهن وار، ته آکاڻيون اڳين جون، آکي ٿو اِظهار، |
كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
بَلڪ بَديون، جي ڪَيئون، تِن ڪيَنِ قلب تي ڪار، |
كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
هُوندا پَري پَنهنجي رَبَّ کان، تَڙيَل سي تَڪرار، |
ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
موٽِي وَڃي ماڳ ڪَيئون، دوزخ دَهشتدار، |
ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
چي، جو ڪوٺيان ڪُوڙ نِبار، سو حاضِر هاوِي هِي اَٿان. |
كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
بيشڪ بَنديون ڀَلن جون، آهِن اُچي هَنڌ، |
وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
۽ ڪِنهن سَمجھايَئـِي؟ ته سو ڇا؟ |
كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
دَفتر دلپسند، |
يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
دَرٻارِي دلبند، هَر دم حاضِر اُن مَٿي. |
إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
سَچ پَچ، آهِن سُکن ۾، نيڪ بَندا نُورِي، |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
سامهان سيڄ پَلنگ تي، ڪَن دَرشن دَستورِي، |
تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
مُنهن مان تِن ني تازگي، پَرکِيندين پُوري، |
يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
پِياربُن پَٽڙو جِنهن ۾، مُور نَه مَخمورِي، |
خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
۽ کَڙِي ٿيسِ کولڻ سان، خُوشبُوءِ کَٿورِي، پوءِ طالِب طَلِبين اُن کي، ذوقًا ضَرُورِي، |
وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
۽ طَبع جِنهن تَسنِيم سان، سُرهِي سَمورِي، |
عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
حاضِر حُضورِي، چَکن تِنهن چشمي مان. |
إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
ڪيا جِن قُصور، سي اُٽلو کِلن اُنهن تان، جِنِين مالِڪ مَڃيو، هِينِين جي حُضور، |
وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
ويندي واٽ، اُنهن کان، مَٽِينِ، جڏهن مَغُرور، ته ڪَن اِشارا اُنهن ڏي، گُھرِي ڏِين گُھور، |
وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
جڏهن وَريا سَندنِ وڳر ڏي، وِهسندڙ وَهلور، |
وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
۽ چَوڻ لڳا چِلولا، جڏهن اُنهن کي ڏِٺائون ڏُور، ته هي سي، وِئيت واٽ کان، بُلڪل بيشُعور، |
وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
۽ مَٿنِ مُڪاسي نه وِيا، زوري ڪاڻ ضرور، |
فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
پوءِ اَڄ مُرڪن مُنڪرن تان، مَڃيو جِنِين مُور، |
عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
سَهجًا سامهان سيج تي، ڪن نِظارا نُور، |
هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
جي ڪَندا هُئا ڪَلُور، سي پڪ، پَلئي پِيا ڪافِـرِين. |