| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
|
(ماپ ۽تور ۾ ) گهٽ ڪندڙن لاءِ خرابي آهي |
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
|
جي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا |
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا |
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
|
ڇا اهي خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور (( |
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
|
هڪڙي وڏي ڏينهن لاءِ جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ |
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
|
خبردار (متان هي خيال ڪن ته اهڙو ڏينهن نه ايندو) بدڪارن جو ڪتاب(عملنامو) ته بيشڪ سجين ۾ آهي |
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
|
هڪ لکيل ڪتاب آهي |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي |
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
|
جيڪي حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا |
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
هوڏانهن ان کي سڀڪنهن حد کان لنگهندڙ گنهگار کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نه ٿو ڪري |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جو جڏهن ان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳوڻن جون لکيل آکاڻيون آهن |
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
|
ائين نه آهي پر (اصلي ڳالهه هيءَ آهي ته) جيڪي (بڇڙا ڪم) اهي ڪندا هئا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي وئي آهي |
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
|
خبردار ٿين بيشڪ انهن کي ان ڏينهن سندن پاليندڙ (جي اڳيان اچڻ) کان روڪيو ويندو |
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اهي دوزخ ۾ ضرور گهڙندا |
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
|
وري چئبن ته هيءَ (دوزخ) اهو آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
|
خبردار ٿين تابعدارن جو ڪتاب (عملنامو) بيشڪ عِليين ۾ آهي |
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
|
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
|
هڪ لکيل ڪتاب آهي |
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
|
ان وٽ (الله جا) ويجها (ملائڪ يا انسان) حاضر ٿين ٿا |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
|
بيشڪ تابعدار ته ضرور نعمت ۾ ٿيندا |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
|
پلنگن تان (بهشت جا نظارا) پيا ڏسندا |
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
|
تون انهن جي منهن ۾ نعمت جي تازگي معلوم ڪندين |
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
|
مهر لڳل شراب مان پيو پياربن |
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
|
جنهن جي مُهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان ۾ اڃان ته ڀلي شوق ڪرڻ وارا شوق ڪن |
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
|
۽ ان جي ملاوت تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي |
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
|
جو هڪ چشمو آهي جنهن مان (الله جا) ويجها ٻانهان پيئندا |
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
|
بيشڪ ڏوهاري ايمان وارن تي (دنيا ۾ ) کلندا هئا |
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
|
۽ اهي جڏهن انهن وٽان لنگهندا هئا ته (پاڻ ۾ ) هڪ ٻئي کي اکيون هڻندا هئا |
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
|
۽ جڏهن پنهنجن گهروارن ڏي موٽندا هئا ته خوشيءَ جون ڳالهيون ڪندا موٽندا هئا |
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
|
۽ جڏهن انهن کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا ته بيشڪ هي ته رستي کان پري پيل آهن |
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
|
هوڏانهن اُهي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليا ويا هئا |
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
|
سو اڄ (قيامت جي ڏينهن) ايمان وارا ڪافرن تي کلن ٿا |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
|
پلنگن تان (بهشت جا نظارا) ڏسن ٿا |
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
|
(۽ چون ٿا ته) ڪافر جيڪي ڪم ڪندا هئا تن جو بدلو انهن کي مليو آهي ڇا؟ |