| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) |
|
بربادي آهي ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ وارن جي لاءِ. |
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) |
|
جيڪي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته (انهن کان) پورو وٺن ٿا. |
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) |
|
۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽائي ڏين ٿا. |
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) |
|
ڇا اُهي هن ڳالهه جو خيال نه ٿا رکن ته اِهي مرڻ بعد جيئرا ڪري اٿاريا ويندا. |
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) |
|
هڪ وڏي ڏينهن لاءِ. |
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن (سڀ) ماڻهو جهانن جي پالڻهار جي اڳيان بيهندا. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) |
|
خبردار! بيشڪ بدڪارن جو اعمال نامو سجين (قيدخاني) ۾ هوندو. |
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) |
|
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته سجين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) |
|
هڪ لکيل ڪتاب آهي. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) |
|
جيڪي ماڻهو بدلي واري ڏينهن کي ڪوڙو چون ٿا. |
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
|
۽ ان کي ڪير به ڪوڙو ڪونه ٿو چوي سواءِ هر سرڪش گنهگار جي. |
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) |
|
جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ”هي اڳين جون آکاڻيون آهن“. |
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
|
ائين نه آهي، بلڪه انهن جي دلين تي ڪَٽُ چڙهي وئي آهي انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا. |
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) |
|
خبردار! بيشڪ اُهي ماڻهو ان ڏينهن پنهنجي پالڻهار (جي ديدار) کان اوٽ ۾ هوندا. |
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) |
|
پوءِ اُهي يقين سان جهنم ۾ ڦِٽا ڪيا ويندا. |
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) |
|
پوءِ انهن کي چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب)آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“. |
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) |
|
خبردار! بيشڪ نيڪوڪارن جو اعمال نامو عليين ۾ آهي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) |
|
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته عليين ڇا آهي؟ |
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) |
|
هڪ لکيل ڪتاب آهي. |
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) |
|
ان وٽ (الله جي دربار ۾) قرب يافته ملائڪ حاضر رهن ٿا. |
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) |
|
بيشڪ نيڪوڪار ضرور نعمتن ۾ هوندا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) |
|
تختن تي ويٺي (نظارا) پيا ڏسندا. |
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) |
|
تون انهن جي چهرن مان ئي نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين. |
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) |
|
مُهر لڳل شراب مان کين پياريو ويندو. |
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) |
|
ان جي مُهر مشڪ جي هوندي. ۽ ان ۾ رغبت ڪرڻ وارن کي رغبت ڪرڻ گهرجي. |
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) |
|
۽ ان جي ملاوت تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي. |
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) |
|
(تسنيم) هڪ چشمو آهي جتان (الله جا) مقرب ٻانها پيئندا. |
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) |
|
بيشڪ ڏوهاري ماڻهو ايمان وارن تي (دنيا ۾) کِلون ڪندا هئا. |
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) |
|
۽ جڏهن انهن وٽان گذرندا هئا ته هڪ ٻئي ۾ اکين جا اشارا ڪندا هئا. |
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) |
|
۽ جڏهن پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽندا هئا ته خوشيون ڪندي موٽندا هئا. |
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) |
|
۽ جڏهن انهن (مؤمنن) کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا بيشڪ اهي گمراهه آهن. |
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) |
|
حالانڪه اُهي مٿن نگران ڪري نه موڪليا ويا هئا. |
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) |
|
پوءِ اڄ ايمان وارا ڪافرن تي کِلن ٿا. |
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) |
|
تختن تان (جنت جا نظارا) ڏسن ٿا. |
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) |
|
ڇا ڪو بدلو مليو ڪافرن کي انهن ڪمن جو جيڪي ڪندا هئا؟؟ |