القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ المُطَفِّفِیۡنَ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 36


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1)

(ماپ ۽ تور ۾) گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2)

اهي (پئسي جا پوڄاري) جڏهن ماڻهن کان توري ماپي (شيون يا محنت) وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا.

وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3)

۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري (۽ حساب يا مزدوري) ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا.

أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4)

ڇا اهي خيال نٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو.

لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5)

انهيءَ (حساب ڪتاب واري) وڏي ڏينهن،

يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6)

جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا.

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7)

خبردار (متان بدڪار هن وهم ۾ هجن ته اهڙو ڏينهن نه ايندو) بيشڪ بدڪارن جو ڪتاب (عمل نامو) ته سجين ۾ آهي.

وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8)

۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9)

هڪ لکيل ڪتاب آهي، (جنهن ۾ هرهڪ جي بدعملن جي چٽائي ٿيل آهي.)

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10)

ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11)

جيڪي (مذاق، ٽوڪ ۽ آڪڙ وچان) حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪن ٿا.

وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12)

هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن (ڏوهه ۾) حد کان لنگهندڙ گنهگار (ڏوهاري ذهنيت) کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نٿو ڪري.

إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13)

جو جڏهن ان (ڏوهاري) کي اسان جون آيتون (انساني فلاح ۽ سڌاري يا قومن جي عروج ۽ زوال جون تاريخي حقيقتون) پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته، هي (قدامت پرستيءَ جون) اڳوڻيون لکيل آکاڻيون آهن.

كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14)

(کين چئو ته ڳالهه) ائين نه آهي پر (اصلي) ڳالهه هيءَ آهي ته، جيڪي (بڇڙا ڪم ۽ آواره گرديون) اهي ڪندا رهيا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آهي. (۽ هيئنر منجهن سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي آهي.)

كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15)

خبردار ٿين، بيشڪ انهن (بدنصيبن) کي ان ڏينهن سندن پاليندڙ (جي اڳييان اچڻ) کان روڪيو ويندو.

ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16)

پوءِ اهي دوزخ ۾ ضرور داخل ڪيا ويندا.

ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17)

وري اتي کين چئبو ته، هيءَ (دوزخ) اها آهي، جنهن کي اوهين (اسان جي مڪافات وارن قانونن جي نتيجي طور ملڻ کي) ڪوڙو ڪندا هئا.

كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18)

خبردار ٿين (۽ پڪ ڪري وٺن ته) تابعدارن جو ڪتاب (عمل نامو) بيشڪ عليين ۾ آهي.

وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19)

۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته عليين ڇا آهي؟

كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20)

هڪ لکيل ڪتاب آهي. (جنهن ۾ هرهڪ جي نيڪ عملن جي چٽائي ٿيل آهي).

يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21)

ان (عليين) وٽ (الله جا) ويجها (فرمانبردار پنهنجي اعمال نامي جي ڏسڻ لاءِ) حاضر ٿين ٿا.

إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22)

بيشڪ تابعدار ته ضرور (بهشت جي) نعمت ۾ ٿيندا.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23)

پلنگن تان (بهشت جي عجائبات جا نظارا) پيا ڏسندا.

تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24)

تون انهن جي چهري ۾ (آرام ۽ اطمينان وارين) نعمتن جي تازگي معلوم ڪندين.

يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25)

کين مهر لڳل خالص مشروبن مان پيو پياربو.

خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26)

جنهن تي مهر مشڪ جي هوندي، ۽ ان ۾ اڃان (به اهڙيون شيون هونديون جو) ڀلي شوق ڪرڻ وارا (مزي سان) شوق پورو ڪن.

وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27)

۽ ان جي ملاوٽ تسنيم (جي پاڻي) مان هوندي.

عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28)

جو هڪ چشمو آهي، جنهن مان (الله جا) ويجها ٻانها پيئندا.

إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29)

بيشڪ ڏوهاري (ماڻهو) ايمان وارن تي (دنيا ۾) کلندا هئا.

وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30)

۽ اهي (ايمان وارا) جڏهن انهن (ڏوهارين) وٽان لنگهندا هئا ته، (اهي ڏوهاري پاڻ ۾) هڪٻئي کي اکيون هڻندا هئا.

وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31)

۽ جڏهن پنهنجن گهر وارن ڏي موٽندا هئا، (اتي به ايمان وارن تي ٽوڪون ڪري) پاڻ کي خوش ڪرڻ واريون (اهي) ڳالهيون ڪندا هئا.

وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32)

۽ جڏهن انهن (ايمان وارن) کي ڏسندا هئا ته، چوندا هئا ته، بيشڪ هي ته (آخرت جي آسري دنياداريءَ جي) رستي کان ڀٽڪيل آهن.

وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33)

هوڏانهن اُهي انهن (مؤمونن) جي مٿان نگهبان (يا داروغا) ڪري نه موڪليا ويا هئا.

فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34)

سو اڄ (قيامت جي ڏينهن) ايمان وارا ڪافرن (جي ان ڀورڙائپ) تي کلن ٿا.

عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35)

(ايمان وارا جنت ۾ پنهنجي) پلنگن تان (ويٺي جهنم ۾) ڏسي رهيا هوندا (ته انهن منڪرن جو حشر ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪي دنيا ۾ سندن مذاق اڏائيندا هئا).

هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36)

(۽ چوندا پيا ته) منڪر جيڪي ڪم ڪندا هئا، تن جو بدلو انهن کي ڪيڏو نه (بڇڙي نموني) مليو آهي؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025