| وَيلٌ لِلمُطَفِّفينَ (آيت : 1) | 
| 
			 گھٽ توريندڙن لاءِ هلاڪت آهي  | 
			
			
				
| الَّذينَ إِذَا اكتالوا عَلَى النّاسِ يَستَوفونَ (آيت : 2) | 
| 
			 اِهي ماڻهو جڏهن ٻين ماڻهن کان ماپ تور ڪرائين ٿا ته پوري ماپ وٺن ٿا  | 
			
			
				
| وَإِذا كالوهُم أَو وَزَنوهُم يُخسِرونَ (آيت : 3) | 
| 
			 ۽ جڏهن اهي ٻين ماڻهن لاءِ ماپ تور ڪن ٿا ته ماپ گھٽ ڪن ٿا  | 
			
			
				
| أَلا يَظُنُّ أُولٰئِكَ أَنَّهُم مَبعوثونَ (آيت : 4) | 
| 
			 اِھي يقين نہ ٿا ڪن ڇا تہ کين (ضرور) اُٿاربو؟  | 
			
			
				
| لِيَومٍ عَظيمٍ (آيت : 5) | 
| 
			 اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ  | 
			
			
				
| يَومَ يَقومُ النّاسُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 6) | 
| 
			 انهيءَ ڏينهن (حساب لاءِ) سڀئي ماڻهو الله جي دربار ۾ بيهندا  | 
			
			
				
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الفُجّارِ لَفى سِجّينٍ (آيت : 7) | 
| 
			 خبردار ! بيشڪ ڪافرن جا عمل ناما سِجِين ۾ آهن  | 
			
			
				
| وَما أَدرىٰكَ ما سِجّينٌ (آيت : 8) | 
| 
			 ۽ اي پڙهندڙ توکي ڪهڙي خبر ته سجين ڇا آهي  | 
			
			
				
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 9) | 
| 
			 اها مُهر لڳايل لِکت آهي  | 
			
			
				
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 10) | 
| 
			 ڪوڙ ڳالهائيندڙ لاءِ انهي ڏينهن هلاڪت آهي  | 
			
			
				
| الَّذينَ يُكَذِّبونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 11) | 
| 
			 جيڪي قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو سمجھن ٿا  | 
			
			
				
| وَما يُكَذِّبُ بِهِ إِلّا كُلُّ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) | 
| 
			 ۽ نٿو ڪوڙو سمجھي قيامت جي ڏينهن کي مگر حد کان وڌيڪ گنهگار  | 
			
			
				
| إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 13) | 
| 
			 جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون چوي ٿو ته (اهي) اڳين ماڻهن جون ڳالهيون آهن  | 
			
			
				
| كَلّا بَل رانَ عَلىٰ قُلوبِهِم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) | 
| 
			 خبردار ! بلڪ انهن جي بداعمالي جي ڪري انهن جي دلين تي ڪَٽ چڙهيل آهن  | 
			
			
				
| كَلّا إِنَّهُم عَن رَبِّهِم يَومَئِذٍ لَمَحجوبونَ (آيت : 15) | 
| 
			 خبردار ! بيشڪ اهي قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب جي ديدار کان يقيناً محروم هوندا  | 
			
			
				
| ثُمَّ إِنَّهُم لَصالُوا الجَحيمِ (آيت : 16) | 
| 
			 پوءِ بيشڪ اهي يقيناً جهنم ۾ داخل ٿيندا  | 
			
			
				
| ثُمَّ يُقالُ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 17) | 
| 
			 ان کان پوءِ انهن کي چيو ويندو هي اُها آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا  | 
			
			
				
| كَلّا إِنَّ كِتٰبَ الأَبرارِ لَفى عِلِّيّينَ (آيت : 18) | 
| 
			 خبردار ! بيشڪ مؤمنن جا عمل نامان عليين ۾ آهن  | 
			
			
				
| وَما أَدرىٰكَ ما عِلِّيّونَ (آيت : 19) | 
| 
			 ۽ اي پڙهندڙ توکي ڪهڙي خبر آهي ته عليين ڇا آهي؟  | 
			
			
				
| كِتٰبٌ مَرقومٌ (آيت : 20) | 
| 
			 ھڪ لکيل دفتر آھي  | 
			
			
				
| يَشهَدُهُ المُقَرَّبونَ (آيت : 21) | 
| 
			 اُن وٽ (الله جا) مقرب (ملائڪ) حاضر رھندا آھن  | 
			
			
				
| إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 22) | 
| 
			 بيشڪ نيڪوڪار يقيناً نعمتن ۾ آهن  | 
			
			
				
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 23) | 
| 
			 تختن تي (نعمتون) ڏسي رهيا آهن  | 
			
			
				
| تَعرِفُ فى وُجوهِهِم نَضرَةَ النَّعيمِ (آيت : 24) | 
| 
			 اي محبوب توهان انهن جي چهرن مان نعمتن جي تازگي معلوم ڪندا  | 
			
			
				
| يُسقَونَ مِن رَحيقٍ مَختومٍ (آيت : 25) | 
| 
			 انهن کي مُهر هنيل خالص پاڪ شراب پيئاريو ويندو  | 
			
			
				
| خِتٰمُهُ مِسكٌ وَفى ذٰلِكَ فَليَتَنافَسِ المُتَنٰفِسونَ (آيت : 26) | 
| 
			 انهيءَ جي آخري ڍُڪ مان مُشڪ جي خوشبو نڪرندي، شوقين ڀلي انهيءَ جو شوق رکن  | 
			
			
				
| وَمِزاجُهُ مِن تَسنيمٍ (آيت : 27) | 
| 
			 ۽ ان کي تسنيم جي پاڻيءَ سان ملايو ويندو  | 
			
			
				
| عَينًا يَشرَبُ بِهَا المُقَرَّبونَ (آيت : 28) | 
| 
			 (تسنيم) اهو چشمون آهي جنهن مان الله جا پيارا ٻانها پيئندا  | 
			
			
				
| إِنَّ الَّذينَ أَجرَموا كانوا مِنَ الَّذينَ ءامَنوا يَضحَكونَ (آيت : 29) | 
| 
			 بيشڪ گنهگار مؤمنن تي (دنيا ۾) کلندا هئا  | 
			
			
				
| وَإِذا مَرّوا بِهِم يَتَغامَزونَ (آيت : 30) | 
| 
			 ۽ جڏهن اهي مؤمنن وٽان (دنيا ۾) لگھندا هئا ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي اشارا ڪندا هئا  | 
			
			
				
| وَإِذَا انقَلَبوا إِلىٰ أَهلِهِمُ انقَلَبوا فَكِهينَ (آيت : 31) | 
| 
			 ۽ اهي جڏهن پنهنجي اهل ڏانهن موٽندا هئا ته خوش ٿي موٽندا هئا  | 
			
			
				
| وَإِذا رَأَوهُم قالوا إِنَّ هٰؤُلاءِ لَضالّونَ (آيت : 32) | 
| 
			 ۽ اهي جڏهن مؤمنن کي ڏسندا هئا، چوندا هئا ته بيشڪ اهي (رسولِ عربي تي ايمان آڻڻ جي ڪري) گمراه آهن  | 
			
			
				
| وَما أُرسِلوا عَلَيهِم حٰفِظينَ (آيت : 33) | 
| 
			 ۽ کين مؤمنن تي محافظ ڪري نه موڪليو ويو هو  | 
			
			
				
| فَاليَومَ الَّذينَ ءامَنوا مِنَ الكُفّارِ يَضحَكونَ (آيت : 34) | 
| 
			 پوءِ مؤمن قيامت جي ڏينهن ڪافرن تي کلندا  | 
			
			
				
| عَلَى الأَرائِكِ يَنظُرونَ (آيت : 35) | 
| 
			 اهي تختن تي ويهي انهن جي عذاب کي ڏسندا  | 
			
			
				
| هَل ثُوِّبَ الكُفّارُ ما كانوا يَفعَلونَ (آيت : 36) | 
| 
			 (۽ چوندا) ڇا ڪافرن کي سندن بداعماليءَ جو ڪو بدلو مليو؟ (يقيناً مليو)  |